ڦلهڏيون شهر گندگيءَ جي ور، اي سي جو نوٽيس

سنڌڙي (ن ع آ ) ڦلھڏيون  شھر گندگي جي ور چڙھي وڃڻ جي  ميڊيا  ۾ لڳل خبر جو اسسٽنٽ  ڪمشنر  سڻڌڙي آصف خاصخيلي  نوٽيس وٺي   عملي ڇنڊ پٽيندي  فوري طور صفائي   ڪرائي  جڏھن جڏھن ۔  اسسٽنٽ ڪمشنر سنڌڙي  صحافين سان ڳالھائيدي چيو ته عوامي آواز   ۾ خبر نوٽيس وٺندي ايمرجنسي بنياد تي   صفائي  جو ڪم شروع ڪرايو آھي شھر کي صاف سٿرو بنائڻ لاء صفائي مھم شروعڪئي وئي آھي  ھن چيو ته  تعلقي جي سمورن شھرن کي صاف  سٿرو بنائڻ لاء ھر ممڪن ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

  • ٺٽي جي اسڪولي پلاٽ تي قبضي جو معاملو، استاد جي حق ۾فيصلو

ٺٽو(ڊر)گھارو ھاء اسڪول جي پلاٽ تي ٿيل قبضي واري معاملي تي قبضا مافيا پاران اسڪول جي استادن تي ڪيل  22- A جي درخواست جي ٻڌڻي سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج ٺٽو جي عدالت ۾ ٿي،  عدالت ۾ درخواست جي ٻڌڻي تي استادن پاران وڪيل قربان علي ھالو ٽيم سميت پيش ٿي بحث ڪري قبضا مافيا جي ڪيل درخواست کي رد ڪرائي استادن جي حق ۾ فيصلو ڪرائي ڇڏيو، جنھن ڪري استادن ۾ خوشي جي لھر ڇانيل آھي، استادن جو چوڻ ھو تہ فتح ھميشہ حق سچ جي ٿيندي آھي. ھنن چيو تہ بااثر قبضا مافيا طاقت جي زور تي اسڪول جي پلاٽ تي قبضو ڪرڻ بعد حملو ڪري ٽن استادن کي زخمي ڪيو ھو، کين عدالت مان انصاف جي اميد ھئي، عدالت کين انصاف فراھم ڪيو اھي، ھو ھاڻي خوش آھن. ھنن وڪيلن جو پڻ ٿورو مڃيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.