آصف زرداري مٿان فرد جرم لاڳو ڪرڻ واري حڪم ۾ واڌ

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شڪي ٽرانزيڪشن ريفرنس ۾ احتساب عدالت کي آصف علي زرداري مٿان فرد جرم لاڳو ڪرڻ کان روڪڻ جي حڪم ۾ 14 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي. نيب آصف علي زرداري جي درخواست تي جواب جمع ڪرائي ڇڏيو. آصف زرداري احتساب عدالت جو فرد جرم کان اڳ بري ڪرڻ جي درخواست رد ڪرڻ جو فيصلو چيلينج ڪري رکيو آهي. عدالت آصف علي زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ کان دليل طلب ڪندي ٻڌڻي 14 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. احتساب عدالت آصف علي زرداري کي فرد جرم کان اڳ بري ڪرڻ جي درخواست رد ڪئي هئي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.