سنڌ اسيمبلي ۾ ٿل ڪينال فيز ٽو ۽ جلال پور ڪينال خلاف ٺهراءُ منظور، متحده جي حمايت

ڪراچي(رپورٽ: محمد علي نقرچ) سنڌ اسيمبلي ۾  گريٽر ٿل ڪينال فيز ٽو ۽ جلال پور ڪينال ڪڍڻ خلاف  ٺهراءُ گڏيل راءِ سان منظور. پ پ 1991 پاڻي ٺاهه جي بچاءُ ڪرڻ جو اعلان ڪندي وفاق کان تڪراري ڪئنال منصوبا فوري بند ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. ڪالهه سنڌ اسيمبلي جو اجلاس  ڊپٽي اسپيڪر ريحانا لغاري جي صدارت هيٺ هڪ ڪلاڪ دير سان 3 وڳي شروع ٿيو،اجلاس ۾ سوال جوابن کانپوءِ آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير ڄام خان شورو  سنڌو دريا هه مان گريٽر ٿل ڪينال فيز ٽو ۽ جلال پور ڪينال ڪڍڻ خلاف  ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن ۾ منصوبن کي تڪراري ۽ غيرقانوني ڪوٺيندي انهن جي مذمت ڪئي وئي ۽ وفاق کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته انهن منصوبن کي فوري طور تي بند ڪيو وڃي.ٺهراءَ تي ڳالهائيندي  صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو ته سنڌ لاءِ پاڻي جو مسئلو زندگي ۽ موت جو آهي، سنڌ سڪي رهي آهي، ان صورتحال ۾ پنجاب ۽ وفاق ملي ڪري جلال پور ڪئنال ۽ چوپارا ڪئنال گريٽر ٿل ڪئنال فيز ٽو منصوبا ٺاهي سنڌ کي تباهه ڪرڻ چاهين ٿا . ٻين صوبن ۾ جر جو پاڻي مٺو آهي پر سنڌ جو مڪمل دارومدار درياهه تي آهي، ملڪ ٺهڻ کان اڳ ڪوٽڙي ۽ گڊو ۽ بئراج ٺهيا، ٺاهه ۾ لکيو ويو ته سنڌ جي رضامندي کان سواءِ پاڻي جو ڪوبه منصوبو نه ٺهندو،  ايوب خان جي دور ۾ راوي ستلج ۽ بياس وڪرو ڪيا ويا، دنيا جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ته درياهه دشمن ملڪ کي وڪرو ڪيا ويا، انهن درياهن جي وڪري مان مليل پيسن سان تڪراري ڪينال ٺاهيا ويا. هن چيو ته 1945ع جي ٺاهه موجب 48 ايم ايف سنڌ ۽ 48 ايم ايف پاڻي پنجاب کي ڏنو ويو، 91ع دوران پاڻي ٺاهه ٿيو ان ۾ سنڌ کي 48 ايم ايف ۽ پنجاب جو 7 ايم ايف حصو وڌايو. جلال پور ڪينال وسيلي 1 لک 80 هزار ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي ۽ مٿان وري گريٽر ٿل ڪينال فيز ٽو ڪڍي پنجاب جي 18 لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو پيو وڃي. جي ڊي اي ۽ متحده وارن جا ٿورائتا آهيون جن هن ٺهراءُ جي حمايت ڪئي آهي. جي ڊي اي جي نند ڪمار گوڪلاڻي ساڳيو  ٺهراءُ کي پڙهيو ۽ چيو ته  سنڌ جي پاڻي، گئس سميت هر اشو تي سنڌ سرڪار سان گڏ آهيون، سنڌو درياهه تي ڪو به ڊيم يا ڪئنال قبول نه ڪيو ويندو، هن چيو ته متحده وارا چون ٿا ته رڳو ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پاڻي جو مسئلو آهي، ائين نه آهي سڄي سنڌ ۾ پاڻي جو مسئلو آهي، هن سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته مخالف ڌر جي ايم پي ايز جا فنڊ بحال ڪيا وڃن. متحده پ پ جي پاڻي منصوبن خلاف ٺهراءَ  پيش ڪرڻ سان گڏ پ پ جي پيش ڪيل ٺهراءَ جي حمايت ڪئي ۽ ڪراچي کي نظر انداز ڪرڻ تي سنڌ سرڪار خلاف ٽوڪن واڪ آئوٽ ڪيو. متحده جي محمد حسين چيو ته اسان وفاقي حڪومت جا اتحادي آهيون ان ڪري ٺهراءُ مان مذمت واري لفظ جا حامي ناهيون ان ڪري ٺهراءُ ۾ ترميم ڪري مذمت بدران اهو شامل ڪيو وڃي ته سنڌ جي راضپي کانسواءِ تڪراري منصوبا نه ٺاهياوڃن. هن چيو ته ڪراچي سنڌ جي گادي جو هنڌ آهي، ڪراچي جا شهري پاڻي جي ڦڙي لاءِ تڙپي رهيا آهن، اسان گريٽر ٿل ڪينال جا مخالف آهيون، پر ڪراچي جي شهرين کي به پاڻي جو حق ڏنو وڃي، هن چيو ته اسان سنڌ جي پاڻي، زراعت ۽  اين ايف سي ايوارڊ لاءِ وڙهندا رهيا آهيون، گريٽر ٿل ڪينال فيز ٽو نه ٺهڻ گهرجي اسان ٺهراءُ جي مڪمل حمايت ڪيون ٿا. متحده جي پارلياماني اڳواڻ ڪنور نويد جميل ٺهراءَ جي حمايت ڪندي چيو ته وفاق ۾ اتحادي هجڻ باوجود سنڌ جي حق لاءِ بيٺل آهيون، هن چيو ته متحده جا ميمبر ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پيئڻ جو پاڻي نه ملڻ خلاف ٽوڪن واڪ آئوٽ ڪن ٿا ان بعد متحده ميمبرن ٽوڪن واڪ آئوٽ به ڪيو،  پ پ ايم پي اي رياض حسين شاهه شيرازي  چيو ته وفاقي سرڪار هڪ سازش تحت نوان ڪينال ڪڍي سنڌ کي وڌيڪ بنجر بڻائڻ چاهي ٿي، ٺٽي ۽ سجاول جي 35 لک ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي چڪو آهي ۽ رپورٽ آيل آهي ته 2050 ۾ سمنڊ ٺٽي کي به ڳڙڪائي ويندو.اڳوڻي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته  سنڌ کي ٿڦڙ مٿان ٿڦڙ هنئي پئي وڃي، اڳ به ظلم سٺو آ پر مرنداسين نه، جمهوري دور ۾ ڪنهن کي آمر نه بڻجڻ گهرجي.هن چيو ته سنڌ ملڪ کي 70 سيڪڙو ڪمائي ڏئي ٿو پر پوءِ به سنڌ کي پاڻي نٿو ڏنو وڃي1991 ع واري معاهدي تي به سنڌ کي اعتراض هئا اسان جو مطالبو هيو ته ڪراچي کي الڳ پاڻي جو حصو ڏنو وڃي ڇو ته هتي ٻين سمورن صوبن جا ماڻهو رهن ٿا. هن چيو ته اسان سان نه ڦٽايو  سنڌ کي تنگ نه ڪيو هر ڪاوڙ سنڌ تي ڪڍن ٿاکائين به اسان جو ۽ وڙهن به اسان سان ٿا. سنڌ اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ ميمبرن جو شديد احتجاج، مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ کي ڳالهائڻ ۽ ٺهراءُ پيش ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ تي پي ٽي آءِ جي ميمبرن اسپيڪر جي ڊائيس آڏو گڏ ٿي نعريبازي ڪئي، پي ٽي آءِ ميمبرن جي هٿن ۾ بينر هئا، ميمبر ايجنڊا جون ڪاپيون پڻ ڦاڙي اڇلايون، پ پ ميمبر شرجيل ميمڻ پاران ايجنڊا ڪاپين تي الله جا نالا هجڻ جي نشاندهي تي ايوان ۾ صفائي ڪرائي وئي. متحده ڪراچي کي نظر انداز ڪرڻ جي شڪايت ڪرڻ تي پئنل آف چيئرمين جي هدايت تي پارلياماني معاملن واري وزير مڪيش ڪمار چاولا متحده جي ڪنور نويد جميل کي خاطري ڪرائي ته پ پ سرڪار ڪراچي واسين جي مسئلن کي سمجهي ٿي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.