گئس بحران تي وفاقي وزير غلط بياني پيا ڪن: امتياز شيخ

شڪارپور(رپورٽ: ذوالفقارمگسي)توانائي واري وزير امتياز احمد شيخ چيو آهي ته وفاقي وزيرن ڪوڙ ۽ غلط بياني کي پنهنجو وڙ بڻائيڇڏيو آهي، ملڪ ۾ گيس جي بحران کان وڌيڪ وفاقي وزيرن جي نااهلين ۽ ناڪامين جو بحران آهي، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، ماڻهن جا چلها ٿڌا ٿي چُڪا آهن، مهانگائي ۽ بيروزگاري جي ڪري غريب ماڻهو تندور جي ماني وٺڻ جي سگهه نه ٿو رکي، خانگي بجلي ڪمپنين، صنعتي ۽ سي اين جي سيڪٽر کي گيس جي فراهمي روڪڻ سان هزارين ماڻهو بيروزگار ٿي چُڪا آهن، هن چيو ته وفاقي وزير ايل اين جي، جي خريداري ۽ گيس ٽرمينل جي باري ۾ قوم سان ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.