سکر ۾ عورت کي 2 منڍين وارو ٻار ڄائو، عورت جي حالت خطري کان ٻاھر

سکر( رپورٽر) سکر ۾ عورت کي 2 منڍين وارو ٻار ڄائو، عورت جي حالت خطري کان ٻاھر. خبرموجب سکر جي والس روڊ واري علائقي ۾ قائم ميمن جنرل اسپتال ۾ مديني جي رھواسڻ عورت کي ويم دوران ٻن منڍين وارو ٻار ڄائو آھي. ان ڏس ۾ ليڊي ڊاڪٽر جو چوڻ آھي ته عورت کي موئل حالت ۾ 2 منڍين، ھڪ ڌڙ، 2 ھٿن ۽ 2 پيرن وارو ٻار ڄائو آھي. آپريشن بعد عورت جي حالت خطري کان ٻاهر آهي.

  • ٽنڊي غلام حيدر  ڀرسان گاڏي جي ٽڪر ۾ پورهيت مرڻينگ

ٽنڊوغلام حيدر (ن ع آ) ٽنڊوغلام حيدر ڀرسان فتح خان بس اسٽاپ حيدرآباد_بدين روڊ تي نامعلوم تيزرفتار گاڏي جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ سبب موٽر سائيڪل سوار ميرپورخاص واسي پورهيت هيرو ڪولهي سخت زخمي ٿي پيو،اطلاع بعد حد جي متارو پوسٽ پوليس پهچي زخمي کي تعلقي اسپتال آندو جتان ڊاڪٽرن پاران فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد کيس ڳڻتي جوڳي حيدر ۾ حيدرآباد سيول اسپتال ريفر ڪيوويو،جڏهن ته حادثي جو اڃا تائين ڪو به ڪيس وغيره داخل ناهي ٿي سگهيو

  • محرابپور ڀرسان پوليس پاران روڪڻ تي جوابدار ڪار ڇڏي فرا ر

محرابپور (ن ع آ) محرابپورايس ايڇ او محرابپور قربان علي ڪلوڙ محرابپور ھالاڻي روڊ تي چيڪنگ دوران نمبر AUY 909ڪرولا ڪار کي روڪيو ته نامعلوم 4جوابدار ڪرولا ڪار ڇڏي فرار ٿي ويا جنھنجي نتيجي ۾ نامعلوم جوابدارن وٽان پوليس  2010 ماڊل  ڪرولا ڪار مان 10 ڪٽا گٽڪا جنھنجووزن پنج مڻ ٻڌايو وڃي ٿو نامعلوم جوابدارن خلاف قلم 7/8 تحت ڪيس داخل ڪري ورتو آهي .ٻئي پاسي ايس ايس پي نوشھروفيروز عبدالقيوم پتافي محرابپور پوليس اسٽيشن کي پنھنجي نگراني رکڻ لاء آن لائين ڪري ڇڏيو آھي محرابپور پوليس اسٽيشن ٿرو ڪوبه آڻوڻندڙ واقعو آن لائين ڏسي سگھبو ۽ نوشھروفيروز مان احڪامات جاري ڪري سگھندو ايس ايڇ او قربان علي ڪلوڙ ميڊيا کي ٻڌايو ته ايس ايس پي نوشھروفيروز جي ڪوششن سان محرابپور پوليس اسٽيشن آن لائين ٿي وئي آھي جنھن سان مجرمن کي ھٿ ڪرڻ سولو ٿي پوندو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.