عوامي آواز کي سلام، گهوٽڪي ۾ 27 نومبر تي مچ ڪچهري جو اعلان

گهوٽڪي (رپورٽ : آزاد مهر ) جسقم گهوٽڪي عوامي آواز جي نعري ”سنڌ جو نعرو سرداري نظام کان ڇوٽڪارو“ جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو، جسقم گهوٽڪي جي اڳواڻن رشيد سنڌي ۽ ڪامريڊ اڪرم ٿهيم پنهنجي ڪارڪنن سان گڏجي عوامي آواز ميڊيا گروپ جي ضلعي آفيس پهچي ”سنڌ جو نعرو سرداري نظام کان ڇوٽڪارو“  طور ملهائيندڙ ثقافتي ڏهاڙي جي حمايت جو اعلان ڪيو، هنن عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته عوامي آواز سنڌ جي قومي اخبار آهي جنهن هميشه سنڌي قوم جو آواز بهتر نموني پيش ڪري پنهنجو قومي فرض ادا ڪيو آهي، عوامي آواز ”سنڌ جو نعرو سرداري نظام کان ڇوٽڪارو“ جو نعرو هڻي سنڌي قوم ۾ اتساھ پيدا ڪيو آهي، ان تي اسين قومي سلام پيش ڪريون ٿا، هنن چيو ته ان نعري کي واهڻ واهڻ ۽ وستي وستي پهچائينداسين، هنن چيو ته 27 نومبر تي رات جو عوامي آواز جي مان ۾ هڪ مچ ڪچهري ڪوٺائي وئي آهي، جنهن ۾ اديب، شاعر ۽ قومي ڪارڪن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندا، جڏهن ته 5 ڊسمبر قومي ڏينهن تي گهوٽڪي ۾ هزارين قومي ڪارڪن گڏجي اهو وچن ڪندا ته سرداري نظام نامنظور  آهي.

  • ناظم جي شهادت بعد لڳاتار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن: شهيد جي امڙ

ڌاٻيجي:   شهيد ناظم جي والده  ٻڌايوته ناظم جي شهادت بعد اسانکي مسلسل ڌمڪايوپيووڃي.ان کان علاوه ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ امداد قاضي کان پڻ ناظم جي وارثن تعزيت نه ورتي جنهن بعد امدادقاضي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيوآھي ته سنڌ ۾ جاگيرداري نظام سگهارو آهي ان خلاف سگهاري جدوجهد ڪرڻي پوندي . 03

  • شهيد ناظم جي وارثن تي دٻاءُ، تعزيت کان به لنوائڻ لڳا

ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) بيدردي سان قتل ٿيل ناظم جوکيو جي وارثن تعزيت وٺڻ جو سلسلو بند ڪري ڇڏيو. شهيد ناظم جوکيو جي تڏي تي پهتل پي ٽي آءِ ايم پي اي دعا ڀٽو، اديبا عارف سان مقتول ناظم جوکيو جي ڀاءُ افضل جوکيو ۽ گهر ڀاتين ملڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، انڪار بعد دعا ڀٽو ناظم جي والده سان تعزيت ڪئي، اسان شهيد ناظم جوکيو جي تڏي تي پهتاسين ته اسان کي روڪيو ويو، چيو ويو ته مقتول جي گهرواري شيرين جوکيو گهر ۾ موجود نه آهي پر اسان جڏهن گهر تي پهتاسين ته ان جي والده جميلا جوکيو سان ملاقات ٿي اها با همت ماءُ آهي هو پٽ جي قاتلن سان ڪنهن به قسم جو ٺاهه ڪرڻ لاءِ تيار ناهي پر هنن کي ايترو ته ڌمڪايو ويو آهي ته هي ڊڄي ويا آهن، ان موقعي تي دعا ڀٽو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مقتول جي والده هڪ بهادر عورت آهي جيئن شهيد ناظم جوکيو بهادر هيو سندس والده اسان سان گڏ بيٺي آهي مان کيس سلام پيش ڪيان ٿي سڄي سنڌ کيس سلام پيش ڪري ٿي، قاتل ناظم جوکيو جي گهروارن کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ماڻهن جي ذريعي ڏوڪڙن جي آڇ ڪئي ٿي وڃي ته توهان ڪيس تان هٿ کڻو پر هي ناظم جي امڙ بهادر آهي سندس امڙ جو چوڻ آهي ته آئون ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ڪندس نه ئي ٽڪو وٺندس، مان پنهنجي پٽ کي انصاف ڏياريندس، ناظم جي امڙ سردار، وڏيرن اڳيان مڙس ماڻهو ٿي بيٺل آهي خوف ۾ به آهي ته ٻيا به ٻار آهن ته انهن کي ڪجهه نه ٿئي جيئن ناظم جي امڙ چاهيندي اسان ان جي مدد ڪنداسين، ناظم جي گهرواري شيرين جوکيو سان ملڻ لاءِ انڪار ڪيو بعد ۾ آئون ساڻس مليس ته مون محسوس ڪيو ته شيرين جوکيو گهڻي دٻاءُ جي اثر هيٺ آهي هن جي مٿان وڏو دٻاءُ آهي، هو مجبور آهي پنهنجي مڙس جي انصاف وٺڻ لاءِ هو پنهنجي ٻارن کي به ڏسي ٿي ۽ پنهنجي مڙس جي قتل جي انصاف لاءِ به ڏسي ٿي هن جو اڄ به اهو چوڻ آهي ته مان پنهنجي مڙس جي قتل جي عيوض ڪنهن کان به هڪ روپيو به نه وٺندس نه معاف ڪندس.  03

  • جاگيرداري نظام سگهارو آهي، جدوجهد جي ضرورت آهي: امداد قاضي

ملير (ڊ.ر): ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ امداد قاضي پارٽي اڳواڻن سميت شهيد ناظم جوکيو جي وارثن سان تعزيت لاءِ پهتو پر ساڻس شهيد جي وارثن ملاقات نه ڪئي نه وري تعزيت وصول ڪئي، بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي امداد قاضي چيو ته سنڌ ۾ جاگيرداري نظام سگهارو آهي، اسان حيدرآباد کان آيا آهيون پر اسان سان ڪو ملڻ لاءِ تيار ناهي، جنهن ماڻهو ماحوليات کي بچائڻ لاءِ سِر ڏنو، ان کي انصاف ملڻ بدران سندس وارثن کي هيسايو پيو وڃي، سنڌ ۾ وڏيرا شاهي حڪومت ڊاهڻ گهرجي. ناظم جوکيو جهنگلي جيوت بچائڻ جي لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو ڏنو آهي، سنڌ جاگيرداري نظام لاءِ هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي چڪي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته عالمي انساني حقن جي ڪميشن ۽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ناظم ۽ سندس خاندان کي انصاف ڏياري، ان موقعي تي اتي موجود ڪميونسٽ پارٽي جي ڪارڪنن سرداري نظام خلاف نعريبازي پڻ ڪئي. ڪامريڊ اقبال، سنڌ ھاري ڪاميٽي جي صدر پروفيسر مير منور ٽالپر، جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ ڏامرومل، پريس سيڪريٽري ڪامريڊ ستار گھوٽو ،حافظ عباسي، ڊاڪٽر ولي جاکرو، ايپٽو سنڌ جو صدر غلام مصطفي ساريو سميت ويھ ڄڻن تي مشتمل وفد متاثر خاندان سان ھمدردي جو اظھار ڪيو.  03

  • اياز لطيف پليجو شھيد فھميده سيال جي تڏي تي خيرپور جوسو پھچي ويو

قمبر /حيدرآباد(پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي شھيد فھميده سيال جي تڏي تي قمبر ڀرسان خيرپور جوسو پھچي وارثن سان تعزيت ڪئي، ان موقعي ڊاڪٽر گلزار جماڻي، ايڊووڪيٽ مظھر ميمڻ، نثار ڀرڳڙي، ايڊووڪيٽ منور جتوئي، جميل لاڙ، عنايت تنيو، ايڊووڪيٽ شبير جتوئي ۽ ٻيا اڳواڻ گڏ ھئا، ان موقعي تي اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ سرداري، جاگيرداري نظام ماڻھن جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ وڏي رڪاوٽ آھي، سرداري ۽ قبيلائي نظام ۾ نه ترقياتي ڪم ٿين ٿا، نه ميريٽ تي روزگار ملي ٿو، نه ئي وسيلن جو تحفظ ٿئي ٿو، اياز لطيف پليجي چيو ته سرداري، قبلائي ۽ وڏيرا شاھي رڳو خونن ۾ ملوث ناھي پر گورننس، شفافيت ۽ انتظامي معاملن ۾ وڏي رڪاوٽ آھي، قتلن ۾ ملوث ماڻھن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي، ناظم جوکيو، فھميده سيال ۽ ٻين بيگناھ خونن جي بي رعا عدالتي ۽ پوليس جاچ ڪري ملوث ماڻھن کي جيل موڪليو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو ته سرداري ۽ جاگيرداري نظام سنڌ جي غلامي جو نظام آھي، اھو قاتلن ۽ مارين جو نظام آھي، اسين شھيدن جي وارثن سان انصاف جي جدوجھد ۾ گڏ آھيون، سنڌ جا ماڻھو سرداري ۽ جاگيرداري نظام خلاف قومي عوامي تحريڪ جي 29 نومبر کان احتجاجي سڏ ۾ ساٿ ڏين.

  • لاڙڪاڻي ۾ ناظم جوکئي ۽ فهميده سيال جي قتل خلاف احتجاجي مظاهرو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ سنڌ جي بهادر نوجوان ناظم جوکيو ۽ سنڌ جي نياڻي فهميده سيال جي قتل وارن واقعن خلاف سنڌ نوجوان اتحاد پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي جتي هنن هٿن ۾ تنظيمي جهنڊا ۽ بئنر کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي اتحاد جي چيئرمين اسلم تونيو، بلاول سومرو، عاقب ميمڻ، راحيل عباس ڪلهوڙو، دريا خان تونيو ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ جاگيرداراڻي، سرداري، ڀوتارڪي، وڏيرڪي ۽ فرسوده نظام جي ڪري اڄ سنڌ جا نوجوان، نياڻيون توڙي غريب طبقو عتاب هيٺ آهي، سنڌ ۾ هٿ ٺوڪين سردارن، ڀوتارن ۽ جاگيردارن جي ڪري سنڌ مقتل گاهه بڻجي چڪي آهي هر طرف خونريزي، بدامني ۽ عدم تحفظ جي ڪري سنڌي ماڻهن کي گهران گهلي وچ روڊ تي تشدد جو نشانو بڻائي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ٿو وڃي اهڙن واقعن جا ويڊيوز توڙي ٻيا ثبوت سوشل ميڊيا تي هئڻ جي باوجود ملوث بااثر وڏيرا، سردار ۽ ڀوتار بغير سزا جي واقعن کان جلد آجا ٿي وڃن ٿا. هنن گهر ڪئي ته فوري طور ناظم جوکيو ۽ فهميده سيال جي قتل ۾ ملوث سمورن قاتلن کي گرفتار ڪري سندن وارثن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي . 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.