خيرپور ۾ ڳوٺاڻن جو پوليس ۽ بااثرن خلاف احتجاج، ناريءَ جي اغوا جون دانهون

خيرپور( ڊ ر)اي سيڪشن پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ صاحب خان لولائي جي رھواسي لولائي برادري جي عورتن ۽ مردن جو اي سيڪشن پوليس ۽ بااثرن جي زيادتين خلاف پريس ڪلب خيرپور اڳيان  احتجاجي مظاهرو ڪيو احتجاج جي اڳواڻي امتياز علي لولائي ، اعجاز علي، مسمات مينا، مسمات امتياز، مسمات شبيران ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا. مظاهرين اخبار وارن جي اڳيان دانھيندي چيو ته 6 مھينا اڳ زاھد لولائي ۽ عرفان لولائي اسان جي شادي شده نياڻي مسمات نفيسه زال اظهر کي اغوا ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي ھنن چيو ته جوابدار گرفتار ھجڻ با وجود پوليس نفيسه کي بازياب ڪرائي نه سگهي آهي پوليس جوابدارن کان رشوت وٺي انهن سان ٻٽ بڻجي وئي آهي ھنن چيو ته زاھد لولائي جي ڪورٽ ۾ ضمانت رد ٿي جنھن بعد پوليس زاھد کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ ڪورٽ مان فرار ڪرائي رھي ھئي ته اسان جي ماڻهن زاھد کي پڪڙي پوليس حوالي ڪيو پوليس الٽو اسان جي ماڻهن مٿان ڪيس داخل ڪري 4 ڄڻن کي جيل موڪلي ڇڏيو آهي ھنن ڊي آئي جي سکر، ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو آهي ته نوٽيس وٺي اسان جي اغوا ٿيل مسمات نفيسه کي بازياب ڪرائي اسان مٿان داخل ڪيل ڪوڙو ڪيس ختم ڪرائي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.