مسلمانن کي گردواري ۾ نماز ادا ڪرڻ جي آڇ

هريانا(م ڊ) ڀارتي رياست هريانا جي شهر  گروگرام  ۾ هندو انتهاپسندن جي احتجاج کانپوءِ مسلمانن کي مختلف هنڌن تي جمعي جي نمازپڙهڻ کان روڪيو ويو آهي، جڏهن ته سک تنظيم گردواري ۾ نماز ادا ڪرڻ جي آڇ ڪري ڇڏي آهي، گردوارا سنگهه سڀا  جو چوڻ آهي ته سمورين برادرين کي گردواري ۾ اچڻ جي اجيان ڪريون ٿا، جيڪڏهن مسلمانن کي جمعي جي نماز پڙهڻ ۾ ڪا پريشاني آهي ته اهي گردوارا استعمال ڪري سگهن ٿا، هيمڪونٽ فائونڊيشن جي هتيراٿ سنگهه ٽوئيٽ ڪندي چيو آهي ته گڙگائون  جي  شاهي بازار  واري گردواري جا دروازا مسلمان ڀائرن لاءِ 5 وقت نماز لاءِ کليل آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.