ٽيڪنالاجي کان ڊڄڻ جا مهڻا ڏيندڙ عوام جي ووٽن کان ڇو ٿا ڊڄن؟

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته پارليامينٽ ۾ ڪالهه مارشل لا کان به بدترين ڏينهن هو، هٿرادو اڪثريت سان جمهوريت کي چِٿيو ويو.

اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شيري رحمان چيو ته عمران نيازي جيڪو هٿرادو اسٽرڪچر ٺاهيو آهي، ان پارليامينٽ جي سيشن کي بلڊوز ڪيو.

هن چيو ته ڪالهه سوچيل سمجهيل منصوبي تحت حڪومت پنهنجي پيرن کي نئين ٽيڪ ڏني آهي، ٽيڪنالاجي کان ڊڄڻ جا مهڻا ڏيندڙ عوام جي ووٽن کان ڇو ٿا ڊڄن؟

سندس چوڻ هو واضح ٿي ويو ته حڪومت کان نه پرڏيهي پاليسي هلي رهي آهي، نه ملڪي معيشت ٿي سنڀالي سگهي، ڪالهه پارليامينٽ جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو، ان کي سڄي ملڪ جي عوام رد ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.