حيدرآباد: ويڪسينيٽر ويلفئيرز ايسوسيئيشن سنڌ جي سڏ تي مطالبن جي مڃتا لاءِ ڌرڻو، پريس ڪانفرنس

حيدرآباد ۾ ويڪسينيٽر ويلفئيرز ايسوسيئيشن سنڌ جي ويڪسينيٽرن جي پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن ويڪسينيٽر ويلفئير ايسوسيئيشن سنڌ جي صدر مولابخش چانڊيو حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي راشد خلجي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 3 آڪٽوبر کان سراپا احتجاج بڻيل آهيون پر سنڌ حڪومت جا نمائيندا هر ڀيري ٻن ڏينهن جو چئي گم ٿي وڃن ٿا پنجاب صوبي ۾ ويڪسينيٽرن 12 اسڪيل، ڪي پي ڪي ۾ 9 اسڪيل ۽ بلوچستان ۾ 11 اسڪيل ڀرتي ٿي رهيا آهن جڏهن ته سنڌ ۾ 6 اسڪيل ۾ ڀرٿي ڪيو وڃي ٿو جيڪا ناانصافي آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته 336 ويڪسينيٽرن کي نوڪرين تي بحال ڪري ترقيون ۽ ٽائيم اسڪيل ڏنو وڃي ٻئي صورت ۾ ڪم ڇڏ هڙتال جاري رهندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.