ڀارتي اداڪار جي يادگار تي هزارين ماڻهو حاضري ڀرڻ لڳا

ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي مقامي فلم انڊسٽري (ڪنڙ) جي اداڪار پنيت راج ڪمار جي لاڏاڻي جي 11 ڏينهن کانپوءِ به ان جي يادگار تي هزارين مداحن جو سلسلو جاري آهي.

گذريل ڏينهن پنيت راج ڪمار اوچتو دل بيهڻ جي ڪري لاڏاڻو ڪري ويو هو جنهن کانپوءِ ان جون آخري رسمون سرڪاري اعزاز سان ادا ڪيون ويون هيون.

اداڪار جي موت جو ٻڌي ان جي 7 مداحن به خودڪشي ڪري ڇڏي هئي، جڏهن ته هاڻي ان جي يادگار تي به هزارين مداحن جي اچڻ جو سلسلو جاري آهي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب ڀارتي رياست ڪرناٽڪ جي گادي واري هنڌ جي هڪ اسٽوڊيو ۾ اداڪار جي يادگار بڻائي وئي آهي جتي سندس لاڏاڻي جي 11 ڏينهن کانپوءِ به مداحن جي اچڻ جو سلسلو جاري آهي.

رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته صبح 9 وڳي کان شام 6 وڳي تائين لڳ ڀڳ 30 هزار مداح روز ان جي يادگار تي اچن ٿا جنهن کانپوءِ اتي 300 اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.