ڌار جي آءِ ٽي بڻائڻ جو اعلان، سنڌ اسيمبلي ۾ 6 قاتل ايم پي اي آهن: گورنر

ملير/ڌاٻيجي( ڊر/ ن ع آ)  گورنر سنڌa عمران اسماعيل، سنڌ اسيمبلي ۾ گڏيل مخالف ڌر جو اڳواڻ حليم عادل شيخ گهگهر ويجهو آچار سالار ڳوٺ پهچي تشدد بعد قتل ٿيل ناظم جوکيو جي وارثن سان تعزيت ڪئي ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي گورنر سنڌ عمران اسماعيل چيو ته ناظم جوکيو شهيد جنهن کي بيدردي سان تشدد بعد قتل ڪيو ويو آهي، ظلم اهو آهي ته ان جيسڄي  خاندان کي ڌمڪيون به ملي رهيون آهن ته اوهان کي به نه ڇڏيو ويندو، جيڪي طاقتور ماڻهو آهن انهن جا نالا ايف آءِ آر ۾ داخل ڪرڻ کان پاسو ڪيو ويو، ايف آءِ آر ۾ سڀني اصل قاتلن جا نالا نه آهن، وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي مان پهچي متاثر خاندان کان تفصيل ورتا آهن، منهنجي اچڻ جو مقصد صرف تفصيل وٺڻ نه پر متاثر خاندان سان تعزيت ۽ همدردي ڪرڻ پڻ آهي، اچڻ جو اصل مقصد اهو آهي ته متاثر خاندان کي پڪ ڏياري وڃي ته سندن داد رسي ٿيندي، ساڻن ڪنهن به قسم جي ظلم زيادتي ٿيڻ نه ڏني ويندي، طاقتور غريبن تي ظلم ڪري اهو هن حڪومت ۾ هلڻ نه ڏنو ويندو، وارثن سان ڳالهايو آهي، انهن صوبائي سطح تي جوڙيل جاچ ڪميٽي تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو آهي، ان تي وارثن جو ڀروسو نه آهي، مان وزيراعظم عمران خان آڏو سموري ڳالهه رکندس، وفاقي سطح جي جاچ ڪميٽي جوڙائي ويندي جنهن ۾ سمورن حساس ادارن جا ذميوار شامل هوندا، جيڪا رپورٽ ايندي ان کي عام پڻ ڪيو ويندو، گورنر چيو ته بدقسمتي جي ڳالهه آهي ته اسان جي اسيمبلين ۾ اهڙي قسم جا ماڻهو به ويٺل آهن، جن تي قتلن جا الزام آهن هي ڪو پهريون واقعو ناهي، سنڌ اسيمبلي ۾ ڪيترائي ميمبر قتل جي الزامن ۾ ويٺل آهن، جن بابت وزير اعليٰ کي چوڻ چاهيندس ته اوهان پنهنجي اسيمبلين ۾ ويٺل جن ميمبرن مٿان قتلن جا الزام آهن انهن جو ٽرائل ته ڪري انهن کي تحفظ فراهم نه ڪيو وڃي، گورنر سنڌ عمران اسماعيل چيو ته هي غريب عوام ڪيڏانهن وڃي جن مٿان سندن ئي سردار ظلم ڪن ته پوءِ هي پاڻ سان ٿيندڙ زيادتين خلاف داد رسي لاءِ ڪهڙي پاسي وڃن، هي ڪو انساني علائقو نٿو لڳو ڄڻ ڪو جهنگ آهي جتي جانورن جي حڪومت آهي، اسين مهذب ماڻهو آهيون مونکي وزير اعليٰ سنڌ مان اميد آهي ته سندس اسيمبلي ۾ جيڪي پنج کان ڇهه اسيمبلي ميمبر ويٺل آهن جن مٿان قتلن جا الزام آهن انهن خلاف فوري ڪاروائي ڪري جاچ ڪئي وڃي. گورنر سنڌ چيو ته ناظم جوکيو واقعي بابت مان آءِ جي سنڌ سان ڳالهائيندس اسين متاثر خاندان کي وڪيل پڻ فراهم ڪنداسين، جيتري مدد ٿي سگهندي اسان ڀرپور نموني سان سندن مدد ڪنداسين، هڪ سوال جي جواب گورنر سنڌ چيو ته عرب جيڪي هن ملڪ ۾ اچن ٿا، شڪار جي حوالي ملندڙ اين او سيز ۾ ضابطا اخلاق طئي ٿيل هوندا آهن، هن چيو ته پاڪستان لاءِ خوشي جي ڳالهه آهي ته هتي شڪار موجود آهن انهن جي اچڻ سان ملڪ ۾ خوشحالي اچي ٿي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.