کهڙا۾ سوئي گئس جي لوڊشيڊنگ وڌي وئي، شهري سخت پريشان

کهڙا( ن ع آ ) کهڙا ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي. گيس بند. شھري عذاب واري زندگي گذارڻ لڳا. کهڙا ۾ بجلي ۽ سئي گيس جي لوڊشيڊنگ جو آزار وڌي ويو آھي مسلسل ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي ۽ گيس  بند رهڻ لڳي آھي شھري وڏي عذاب واري زندگي گذارڻ لڳا آھن سخت گرمي ۾ روزانو مسلسل ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي بند رهڻ لڳي آھي سخت گرمي جي باوجوده اسڪول ٽائيم صبح کان منجهند تائين بجلي نه هئڻ سبب اسڪولي شاگرد سخت پريشاني کي منهن ڏيڻ لڳا آھن انهي حوالي سان شھرين نديم علي. عبدالڪريم.. غلام رسول ۽ ٻين جو چوڻ آھي ته بجلي ۽ گيس جي لوڊشيڊنگ جو تمام گهڻو آزار وڌي ويو آھي، هنن  مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته لوڊشيڊنگ جو آزار ختم ڪيو وڃي

راضيديرو ويجهو ٽريڪٽر ۽ موٽرسائيڪل ۾ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت

راضي ديرو (رپورٽ: خالد حسين کهڙو ) راضي ديرو  لنڪ روڊ ڳوٺ کاه اڄڻ وٽ موٽرسائيڪل ۽ ٽريڪٽر ٽرالي جي وچ ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل  سوار ڳوٺ دلو اڄڻ واسي 50 سالھ محمد صفر اڄڻ ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو جنهن جو لاش پوسٽ مارٽم لاء گمبٽ اسپتال نيو ويو فوتي صفر اڄڻ کير وڪرو ڪندڙ پورهيت هو انهي حوالي سان معلوم ٿيو آھي ته فوت ٿي ويل پورهيت صفر اڄڻ کير وڪرو ڪرڻ لاء کير کڻي موٽرسائيڪل تي سوار ٿي کهڙا شهر وڃي رهيو هو ته ڳوٺ کاه وٽ سندس سان حادثو پيش آيو ۽ ھو فوت ٿي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.