خيرپور جو ڳوٺ انتظامي بنيادي سهولتن کان محروم

خيرپور ( س ر  ) خيرپور ڀرسان وڏي آبادي رکندڙ قديمي واري ڳوٺ انتظامي ۽ چونڊيل نمائندن جي نااهلي ۽ لاپرواهي سبب جديد دور ۾ بجلي ،پيئڻ جو مٺو پاڻي ،ڊرنيج ،صحت سميت بنيادي سهولتن کان محروم بڻيل آهي، جنهن ڪري قديمي ڳوٺ مان ڳوٺاڻن جي لڏ پلاڻ جو سلسلو جاري آهي، هن سلسلي ۾ واري ڳوٺ جي رهواسين گلمير ڦلپوٽو۔ جواد احمد ڦلپوٽو۔ مشتاق احمد سيال، نواب خان سيال،ياسر نواز سيال ، نظير ،رفيق سيال ،غلام شبير ڦلپوٽو،وحيد ،فرحان ڦلپوٽو ۽ ٻين ميديا آڏو دانهيدي ٻڌايو ته اسان جو ڳوٺ سوين سال قديمي آهي، اسان پ پ پ جا پراڻا ووٽر آهيون پر پ پ اميدوار ووٽ وٺي غائب ٿي وڃن ٿا، جڏهن ته واري ڳوٺ صحت ،بجلي ،ڊرنيج، مٺي پاڻي سميت تمام سهولتن کان جديد دور ۾ به محروم آهي، پر افسوس آهي جو ضلعي انتظاميان ۽ چونڊيل نمائندا اگهور ننڊ ستل آهي، هنن ٻڌايو ته جديد دور ۾ بنيادي سهولتن خاص ڪري سخت گرميءَ ۾ بجلي نه هجڻ ڪري ڪيترائي خاندان ڳوٺ مان لڏ پلاڻ ڪري ويا آهن،جنهن ڪري ڳوٺ جون زمينون بنجر بڻجي رهيون آهي، ۽ واري ڳوٺ ترقي ڪرڻ بجاءِ پٺتي پيل ڳوٺن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو، هنن سنڌ جي وڏي وزير ، چيف سيڪريٽري سنڌ سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته واري ڳوٺ ۾ بجلي سميت ٻيون بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن، ٻي صورت سخت احتجاج ڪيو ويندو،.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.