مينار پاڪستان واقعي جا جوابدار پڪڙجي سگهن ٿا ته صحافين تي حملن جا ڇو نه: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (م ڊ) صحافين کي هراسان ڪرڻ بابت پاڻمرادي نوٽيس ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ ريمارڪس ڏنا آهن ته مينار پاڪستان واقعي جا جوابدار پڪڙجي سگهن ته صحافين تي حملن جا ڇو نه؟ سپريم  ڪورٽ ۾ صحافين کي هراسان ڪرڻ بابت پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ڪئي، جنهن ۾ عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ڊي جي ايف آءِ اي، پيمرا چيئرمين ۽ آءِ جي اسلام آباد کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو. جسٽس قاضي امين چيو ته صحافت جي آڙ ۾ ڪنهن جي ذاتي فعل کي تحفظ نه ڏينداسين، ڪنهن کي صحافين سان مسئلو آهي ته قانوني رستو اختيار ڪري، گوليون هڻڻ يا تشدد ڪرڻ لاقانونيت آهي، آءِ جي اسلام آباد يقيني بڻائي ته صحافين تي حملا ڪندڙ گرفتار ٿين، مينار پاڪستان واقعي جا جوابدار پڪڙجي سگهن ٿا ته صحافين تي حمن جا ڇو نه؟ عدالت چيو ته اسلام آباد ۾ هڪ صحافي کي پيٽ ۾ گولي هنئي وئي، پوليس جي ناڪامي آهي ته هيل تائين جاچ پئي ٿئي. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته ايف آءِ اي سميت ڪنهن به اداري کي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪرڻ نه ڏينداسين، 03

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.