قاضي احمد ، ڏھرڪي ، نوشھوروفيروز ۽ کپرو جون خبرون

قاضي احمد: نواب ولي محمد ۾ چور دڪاندار جون 2 سولر پليٽون چوري ڪري ويا
ڏهرڪي: مير مرتضيٰ ڀٽو جو قتل ڪيس ٻيهر کولڻ لاءِ پ پ ش ڀ جو مظاهرو
نوشھرو فيروز: پ پ ش ڀ پاران ميرمرتضيٰ جو ڪيس ٻيهر کولڻ لاءِ احتجاج
کپرو: ڳوٺ ٻانڌو هنڱورجو ۾ ڊسپينسري جي عمارت جهُري وڃڻ خلاف مظاهرو
نوشھروفيروز:شگر ملن پاران آبادگارن کي رهتون نه ڏيڻ تي اڳواڻن جون دانهون

1
نواب ولي محمد ۾ غريب مسڪين سيلون هلائي پنهنجي ٻچن جو گذر ڪرڻ واري شهري وزيرعلي کوکر جون 2عدد سولر پليٽون رات دير سان اڻ ڄاتل چوري ڪري ويا، نواب ولي محمد جي پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي، دڪاندار وزيرعلي کوکر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته هو غريب مسڪين آهي، هن جي ڪنهن سان به دشمني نه آهي ، هن اعليٰ اختيارين ايس ايس پي شھيد بينظير آباد، SHO قاضي احمد ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته هن جي چوري ٿيل سولر پليٽون واپس ڪرائي ڏنيون وڃن.
02
ڏهرڪي ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس ٻيهر کولڻ لاءِ پ پ شهيد ڀٽو ڏهرڪي طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي اڳواڻ شاهه علي لاشاري ، منصور سميجو ، سبحان گولاٽو،علي حسن لاشاري ۽ ٻين چيو ته مير مرتضيٰ ڀٽو کي قتل ڪرڻ واري واقعي کي 25 سال گذري ويا آهن پر عدالت مير مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس کي بند ڪري ڇڏيو آهي ، هنن چيو ته هو قانوني طريقي سان عدالت سڳوري کي اپيل ڪن ٿا ته مير مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس ٻيهرکولي قاتلن کي قانون موجب سزا ڏني وڃي .
3
پيپلز پارٽي شھيد ڀٽو ضلعي نوشھرو فيروز جي ڪارڪنن پاران شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي قاتلن جي گرفتاري ۽ ڪيس ٻيهر کولڻ لاءِ نيشنل پريس ڪلب اڳيان مظاھرو ڪري بک هڙتال ڪئي وئي،ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي محمد خان وسطڙو ۔۔قربان تڳر، وزيرعلي وڳڻ ۔ڏاڏو عرض محمد مري۔وسيم ڏنڱراج ۔ساجد راڄپر ۽ ٻين چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته فورن مير مرتضي جو ڪيس ري اوپن ڪري هلايو وڃي ۽ قاتلن کي گرفتار ڪري شھيد ڀٽوجي خون سان انصاف ڪيو وڃي .
4
کپرو لڳ اڇڙي ٿر جي ڳوٺ ٻانڌو هنڱورجو ۾ڊسپينسري جي عمارت جهُري وڃڻ خلاف رهواسين پاران خليفو دورو هنڱورجو. ڏاتو هنڱورجو ۽ دائود هنڱورجو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاج ڪندڙن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اڇڙي ٿر واسي زندگي جي ٻين سهولتن کان ته محروم آھن پر علاج جي سهولت به نه هجڻ سبب انهن جي زندگي ڏاڍي ڏکي گزري رهي آھي. هنن چيو ته ڳوٺ ٻانڌو ۾ 1993ع ۾ ڊسپينسري جي عمارت ته تيار ڪئي وئي پر سرڪار پاران ڊاڪٽر ۽ ٻيو عملو نه ڏنو ويو ۽ نه ئي ڊسپينسري جي مرمت ڪئي وئي جڏهن ته علاج جي سهولت نه هجڻ ڪري اڇڙي ٿر واسي وڏين ڀوڳنائن کي منهن ڏين ٿا هنن وس وارن کان گهر ڪئي ته ڊهي ويل ڊسپينسري جي عمارت ٻيهر جوڙائي مقامي ماڻھن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي۔
5
سنڌ آبادگار گرورس جي ضلعي صدر محمد امين راڄپر۽ ٻين شگر ملن پاران آبادگارن کي 22 ارب روپيا رھتون نه ڏيڻ خلاف نيشنل پريس ڪلب تي پھچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته حڪومت سنڌ ۽ شگر ملن جي ملي ڀڳت سبب سنڌ جا آبادگار پريشان آھن، حڪومت سنڌ ھر فصل لھڻ وقت آبادگارن کي پريشان ڪندي آھي ڪڻڪ لھڻ وقت پيپلز پارٽي وارا باردانو پنھنجي ماڻھن کي ڏياري باقي آبادگارن کي محروم رکندا آهن ، هن چيو ته ھاڻي ڪمند کي سال ٿي ويو آ پر5 شگر ملون ۔نوا بشاھ ۔سڪرنڊ ۔دادو ۔ٻانڌي ۔النور شگر ملون 22 ارب روپين کان مٿي رھتون آبادگارن کي نه ٿيون ڏين، هنن مطالبو ڪيو ته آبادگارن کي فوري طور رھتون ڏنيون وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.