ڪراچي ۾ ويڪسينيٽرن جي سي ايم هائوس ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش، رستا روڪ

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ بحالي لاءِ احتجاج ڪندڙ وئڪسينيٽرز جي سي ايم هائوس تائين مارچ جي ڪوشش، روڪڻ  تي پوليس اهلڪارن ۽ ويڪسينيٽرن ۾ چڪريون، پوليس مظاهرين کي ريڊ زون ۾ داخل ٿين کان روڪي ورتو، ڪيترن ئي ويڪسينيٽرن کي گرفتار پڻ ڪيو ويو، ويڪسينيٽرن جو مطالبن جي مڃتاء لاءِ احتجاج جاري آھي، مظاهري ۾ عورتون به شامل، ويڪسينيٽرن جو چوڻ آهي ته عدالتي حڪم جو جواز بڻائي 350 کان وڌيڪ ويڪيسينيٽرز کي برطرف ڪيو آهي، بحالي تائين احتجاج جاري رکڻ جو چتاءُ ڏنو ويو

ڪراچي ۾ 2 عورتون قتل. 2 ڄڻا زخمي

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ 2 عورتن کي قتل ڪيو ويو، جڏهن ته  2 ڄڻا پڻ زخمي ٿي پيا، ڪالهه ايئر پورٽ ٿاڻي جي حد ملير  ھالٽ جي گلشن آمنا  واري علائقي ۾ گهر نمبر اي 14 اندر فائرنگ  جي نتيجي ۾ 35 ورھين جي عورت مسفي زال آدم  قتل ٿي وئي، مڙس جي ھٿان قتل ٿيندڙ عورت جي پٽ جو چوڻ ھو ته  جڏھن  ماءُ پيسن بابت پڇيو ته ٻنهي ۾ جھيڙو ٿيو. اورنگي ٽائون سيڪٽر 8 اي اسٽريٽ 13 داتا ننگر ۾ گهرنمبر 660 اندرعورت کي ڇرين جا وار ڪري قتل ڪيو ويو، سڃاڻپ حميده زال  رياض گل  طور ٿي آهي، عورت حميدا کي شاھ لطيف ٿاڻي جي حد قائد آباد ۾ڦر مزاحمت تي ذيشان ولد غلام سرور ۽ ملير ڪينٽ چيڪ پوسٽ نمبر 2 ڀرسان ڦر مزاحمت تي شيراز ولد الطاف حسين زخمي ٿي پيو.

لاهور۾ شديد برسات، 3 ٻارڙا فوت،30 ماڻهو زخمي

لاهور(م ڊ)لاهور شديد برسات سبب گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 3 ٻارڙا فوت ٿي ويا، جڏهن ته مختلف واقعن ۾ 30 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن. ريسڪيو اداري موجب ڪاهنه جي علائقي ۾ ڇت ڪرڻ سبب ٻارڙا فوت ٿيا، جڏهن ڇتيون ڪرڻ جا پنج واقعا، 30 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا. هوڏانهن راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ به گجڳوڙ سان برسات پئي. جڏهن ته روڊ رستا پاڻي هيٺ اچي ويا. ٻئي پنجاب جي وڏي وزير طرفان جاني نقصان تي ڏک جو اظهار ڪيو.

اي آءِ جي موٽر وي جي گاڏي تي فائرنگ، ڀاءُ مارجي ويو، پاڻ زخمي

راولپنڊي (م ڊ ) اي آءِ جي موٽر وي جي گاڏي تي فائرنگ، ڀاءُ مارجي ويو، پاڻ زخمي، ترجمان موٽر وي موجب فتح جهنگ وٽ هٿياربندن اي آءِ جي موٽر وي سجاد افضل  آفريدي جي گاڏي تي فائرنگ ڪئي، فائرنگ ۾ نعمان افضل جان ٿڏي تي مارجي ويو، جڏهن ته  اي آءِ جي موٽر سجاد افضل کي ڳڻتي جو ڳي حالت ۾ پمز اسپتال داخل ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.