معاشري ۾ ٻارن سان ٿيندڙ جنسي زيادتيون ۽ انهن جي تدارڪ جي ضرورت

تحرير: احسان کوسو

اسين هن ملڪ ۽ دنيا ۾ هڪ اهڙي  معاشري جي اندر  رهڻ  تي مجبور ڪيا ويا آھيون جتي وحشت،  درندگي  ۽ بي حسي پنهنجي عروج تي آهي، هي انساني  نه  پر  هڪ   وحشي معاشرو  آهي. دراصل هي  ڪنهن به لحاظ   کان  انساني معاشرو ئي ڪونهي. هي انساني درجي کان  هيٺ  ڪريل حيواني معاشرو آھي. ڇو ته هت ٻارڙن تي تشدد، جنسي ڏاڍ ۽ قتل جي واقعن ۾ مُسلسل واڌ جون خبرون روزانو جي بنياد تي اخبارن جي زينت بڻيل هونديون آهن. اسان وٽ هڪ پاسي ماڻهپي جي عنصر کان عاري ۽ فرسوده سماج جي ريتن رسمن جي ڪلور، قول ۽ فعل جي تضاد انسانيت کي ڪيرائي ڇڏيو آهي ته ٻئي پاسي گُلڙن جهڙن معصوم ٻارڙن تي تشدد ۽ جنسي ڏاڍ کان پوءِ انهن جي قتل جي واقعن سماج کي ڌوڏي وڌو آهي.

هونئن ته چوڻ لاءِ اسان جو معاشرو مهذب، مثالي، مذهبي، روايتن جا امين ۽ تهذيب يافته قوم آهيون ، اُها ٻي ڳالهه آهي ته اسان جا ڪرتوت مثالي ۽ آئيڊيل معاشري کان هيٺ ڪريل ۽ عاري آهن. اِهو سڀ ڪجهھ اسان سان لاڳاپيل آهي. ڇو ته اسان اُها  قوم آهيون جو جنسي زيادتي ۽ هراساني ته برداشت ڪري سگهون ٿا پر پنهنجي ٻارن کي جنسي تعليم ۽ تربيت جو مشورو ڏيڻ بي حيائي سمجهون ٿا، جڏهن ته ٻارن کي اُن جي ذات ۽ جنسي تشخص جي حوالي سان شعور يا آگاهي ڏيڻ واري ڳالهه کي مغرب جي ايجنڊا قرار ڏيون ٿا .

اسلامي جمهوريه پاڪستان ۾ ٻارن سان زيادتي ۽ قتل عام جي واقعن جو سلسلو يقينن نئون ڪونهي ، اهو سلسلو هڪ تسلسل سان بدستور ورهين کان جاري آهي. ٻارن سان ظلم کان هٽي ڪري ڳالهه ڪجي ته هِتي روز جي بنياد تي قيامت جهڙا منظر ڏسڻ ۾ اچن ٿا ! ڪڏهن نياڻين جي مٿان تيزاب هاري کين ساڙيو وڃي ٿو، ڪڏهن ڪارو ڪاري جي ڪڌي رسم هيٺ ماريو وڃي ٿو ، ڪڏهن وري ڪُتن جي بڇ ڪئي وڃي ٿي، ايستائين جو دفنايل انسان جا لاش قبرن ۾ به محفوظ ناهن! جنهن معاشري ۾  تشدد ۽ ظلم وارو تصور موجود هجي، جتي لاش قبرن ۾ به محفوظ نه هجن اُتي ڀلا اسان هن سماج مان ڪهڙي ڀلائي جي توقع رکي سگهون ٿا؟؟

هتي جيڪي معصوم ٻارن سان واقعا پيش اچن ٿا، انهن واقعن ته حقيقت ۾ انسانيت جو ڪنڌ شرم وچان جهڪائي ڇڏي ٿو . پر مجال آهي جو اسان بُرائي جي خاتمي لاءِ آواز اُٿاريون يا اُن بابت سوچيون. اهو ئي سبب آهي جو سماج ۾اهڙا واقعا زور وٺندي معمول بڻجي ويا آهن.جڏهن ته قانون جا ڊگها هٿ ڏوهارين تائين پهچي ئي نه ٿا سگهن، جنهن ڪري به ڪيترائي سوال جنم وٺن ٿا پر جواب ۽ احتساب لاءِ ڪير تيار ئي ناهي. اڪثر ڪري هِتي ڏيکاءُ لاءِ بل ته پاس ڪيا ويندا آهن پر افسوس انهن تي عمل ناهي ٿيندو. حالانڪ ٻارن جي حقن جي حوالي سان به ڪيترائي قانون جُڙيل آهن اهي تمام قانون بجاءَ عمل ٿيڻ جي فقط اسيمبلي فلور آڏو دم ٽوڙيو ڇڏين.

ٻارن جي حقن جي حوالي سان سرگرم هڪ غير سرڪاري اداري ”ساحل“ جي رپورٽ مطابق سال 2018ع ۾ ٻارن سان زيادتيءَ جي واقعن جو ڪُل انگ 2115 تائين پهتو هو. وائيس آف آمريڪا پاران ڇپيل هڪ رپورٽ مطابق گذريل چئن ورهين ۾17 هزار کان وڌيڪ ٻارن سان جنسي زيادتي جا واقعا رپورٽ ٿيا آهن اِهو مامرو صرف پاڪستان تائين دنگ نه ٿو ڪري. ٻارن جي جنسي استحصال بابت آمريڪي انصاف واري کاتي ڀيانڪ رپورٽ جاري ڪئي آهي، رپورٽ موجب آمريڪي حڪومت کي پوين چئن سالن ۾سرڪاري فنڊز جي زير انتظام مرڪز ۾پناهه گير ٻارن سان جنسي زيادتي جون 4500 شڪايتون موصول ٿيون آهن ۽ انگلينڊ ۾سرڪاري انگن اکرن موجب پوئين سال تقريبن 19 هزار ٻارن جو جنسي استحصال ڪيو ويو آهي، جنهن کان پوءِ اختيارين امڪان ظاهر ڪيو آهي ته صورتحال ايتري سنگين آهي جو “وبا” جي شڪل اختيار ڪري سگهي ٿي.

جڏهن ته 2021ع جي هن سال  دوران پاڪستان ۾ ٻارن سان جنسي زيادتي جا  2960 واقعا رپورٽ ٿيا.

هڪ سال ۾  1510 ٻارڙين سان  ڏاڍائي جا 1510 جڏهن ته ٻارن سان  1450 واقعا رپورٽ ٿيا.

پنجاب جي شهر لاهور ۾ ٻارن جي حقن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ غير سرڪاري تنظيم جو چوڻ آهي ته 2020 دوران پاڪستان ۾ ٻارن سان جنسي ڏاڍائي جا  2960 واقعا رپورٽ ٿيا ۔

غير سرڪري تنظيم ساحل پاران ڏنل انگن اکرن موجب گذريل سال جي دوران 1510 ٻارڙيون جڏهن ته  1450 ننڍا ٻار جنسي تشدد جو نشانو بڻيا ، رپورٽ موجب ننڍي عمر جي شادين جا 119 واقعا جڏهن ته 7 واقعن ۾ ننڍي عمر جي ٻارڙين کي وني ڪيو ويو، 50 ٻارن ۽ ٻارڙين کي ديني مدرسن ۾ جنسي تشدد جو نشانو بڻايو ويو.

2020ع جي دوران ٻارن تي  جنسي تشدد جا واقعا سڀ کان وڌيڪ  پنجاب صوبي ۾ ڪل 1707 رپورٽ ٿيا ، صوبي سنڌ ۾  861 ، صوبي بلوچستان ۾  53، وفاقي گادي جي هنڌ اسلام آباد ۾  102 ، خيبر پختون خواه ۾ 215، آزاد ڪشمير ۾  18 ۽  گلگت بلتستان ۾ ٻارن سان زيادتي جا  4 واقعا رپورٽ ٿيا۔ 2020 جي دوران لاهور ۾ 82 ٻارن کي جنسي تشدد جو نشانو بڻايو ويو.

هنن وقعن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو  2020ع جي دوران روزانو اٽڪل 8 ٻارن سان جنسي تشدد جا واقعا رپورٽ ٿيا، اسان سمجهون ٿا ته ٻارن سان ٿيندڙ تشدد جي روڪ ۽ مفت ڪالوني معاونت لاءِ ملڪ جي هر ضلعي ۾ چائلڊ سيفٽي سيل ٺاهيا وڃن، ٻارن کي جنسي تشدد کان بچاءَ آگاهي مهم هڪ موثر حڪمت عملي هلائي وڃي ۽ ٻارن بابت نوان قانون جوڙيا وڃن ۽ لاڳو قانونن کي وڌيڪ بهتري آندي وڃي.

ان حوالي سان چائلڊ پروٽيڪشن بيورو جي چيئرپرسن ساره احمد  ٻارن تي ٿيندڙ پرجنسي تشدد جي واقعن تي تشويش جو اظهار ڪندي چيو  ته وفاقي حڪومت  ٻارن تي جنسي تشدد جي سد باب لاءِ ٺوس قدم کڻي رهي آهي، ڪجھه سالن ۾ ٻارن تي جنسي واقعن ۾ واڌ تشويش ناڪ آهي، تنهن ڪري ٻارن تي تشدد جي سببن ۽.  اپائن جي حوالي سان معاشري ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، عورتن ۽ ٻارن تي جنسي تشدد جي مجرمن لاءِ سخت قانون آندو ويو آهي ، جيئن ته وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي ان آرڊيننس تحت سخت ترين سزائون ڏنيون وينديون

۽ ڪجهھ ڏينھن کانپوءِ  قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ان معاملي تي ٻارن جي حقن سميت  4 بل قومي اسيمبلي مان پاس ڪيا ويا هئا. اهي بل قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ انساني حقن جي وفاقي وزير شيرين مزاري اسلام آباد ۾ رهندڙ بزرگ شهرين جي فلاح ۽ باوقار آرام جي بندوبست لاءِ بل منظوري لاءِ پيش ڪيو، جنهن کي ايوان منظور ڪري ورتو، ان بل تحت اسلام آباد ۾ رهندڙ بزرگ شهرين جي فلاح و بهبود لاءِ انساني حقن واري وزارت ڪائونسل قائم ڪندي، جنهن کي بزرگ شهرين لاءِ ڪائونسل چيو ويندو، بزرگ شهرين جي ڊيٽا مرتب ٿيندي، بزرگ شهرين کي لائبريرين، پارڪن، تفريحي هنڌن تي مفت داخلا ملندي، سرڪاري اسپتالن ۾ کين سهولت ملندي، جڏهن ته ان بعد انساني حقن جي وفاقي وزير عورتن، ٻارن، بزرگن کي گهريلو تشدد کان تحفظ ڏيڻ لاءِ بل منظوري لاءِ پيش ڪيو، جيڪو به متفقه طور تي منظور ڪيو ويو، ان بل تحت گهريلو تشدد جو شڪار ڪو به شخص عدالت ۾ درخواست ڏئي سگهندو، ڏنل درخواست جي تاريخ جي 7 ڏينهن اندر عدالت ان تي ٻڌڻي مقرر ڪندي، فيصلو 90 ڏينهن اندر ڏنو ويندو، اهڙي ڏوهه تي 6 مهينا قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ڏئي سگهبي، جنهن بعد ننڍن ٻارن بابت انصاف جي نظام تي ٻڌل بل انساني حقن جي وزير شيرين مزاري پيش ڪيو.

اسان سمجهون ٿا رڳو قانون پاس ڪرڻ ئي ان مسئلي جو حل ناهي پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان جي عملداري کي پڻ يقيني بڻايو وڃي ته جيئن ٻارن سان ٿيندڙ جنسي تشدد جو موثر نموني خاتمو ٿي سگهي.

هڪ ڪيٿولڪ مسيحي تنظيم پنهنجي تنظيمي بيان ۾ اِهو اعتراف ڪيو آھي ته پادرين 175 ٻارن سان زيادتيون ڪيون آهن. ڪليسائي روم جي هڪ مذهبي برادريءَ جي اعتراف موجب ان جا درجنين پادري پوڻا 2 سئو نابالغ ٻارن سان جنسي ڏاڍائي ڪندا رهيا آهن. گهٽ ۾گهٽ 60 ٻارن سان جنسي زيادتي هن فرقي جي بانيءَ ڪيون. ڪيٿولڪ مسيحيت جي مرڪز ويٽيڪن کان نيوز ايجنسي ڊي پي اي جي رپورٽ مطابق رومن ڪيٿولڪ چرچ جي اِها ذيلي تنظيم يا برادري (Legionaries of Christ) چورائيندي آهي.

جڏهن چرچ جا پادري يا اُن جا باني، مدرسن ۾عالم ۽ مندرن ۾پنڊتن هٿان معصوم ٻار جنسي زيادتيءَ جو شڪار ٿين ته يقينن سمجهو تمام عالمن کي تربيت جي ضرورت آهي، جيڪي سڄو ڏينهن مذهب جا ڀاشڻ ڏئي ناهن ٿڪبا، اُنهن کي گهرجي ته پنهنجو پاڻ کي بهتر ڪنهن اسپتال ۾داخل ڪرائين يا چرچ يا مندر ڇڏي هليا وڃن، مٿي ڄاڻايل انگ اکر پڙهي حساس شخص جا لڱ ڪانڊراجي وڃن ٿا پر اسان پوءِ به اهڙن ڪُڌن عملن کي هوا ڏيندا ٿا رهون ۽ سهولتڪار وارو ڪم سرانجام ڏئي رهيا آهيون. اهو اسان جو دلچسپ مشغلو رهيو آهي ته هڪ پاسي اهڙن واقعن جي مذمت ڪندا آهيون ٻئي پاسي ساڳين ماڻهن جي دفاع خاطر وڪالت ڪندي فخر محسوس ڪندا آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.