ڌاري آبادڪاري، پاڻي کوٽ ۽ ٿرڪول انتظاميا خلاف اسلام ڪوٽ ۾ڌرڻو

اسلام ڪوٽ(ت ر) سنڌ ۾ افغانين جي آبادڪاري،ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ،پاڻي جي کوٽ،ٿرڪول ۾ ڌارين جي آبادڪاري خلاف قومي عوامي تحريڪ پاران اسلام ڪوٽ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو،قومي عوامي تحريڪ اسلام ڪوٽ طرفان ضلعي آرگنائيزر سبحان بجير،وڪيل شاهنواز هنڱورجو،دانش پرمار،پرشوتم پرمار،راڻو راٺوڙ،هيرو ميگھواڙ،ڀرت لعل جي اڳواڻي ۾ نادرا آفيس کان مين چوڪ تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،احتجاج کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ 20 لک  غير قانوني طور رهيل پرڏيهين کي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏنا ويا آهن ته ٻي طرف افغانستان جو حالتون خراب ٿيندي ئي هزارين افغانين کي سنڌ ۾ رهائڻ لاءِ سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومتون سرگرم آهن،جيڪي سازشون سنڌ  ۾ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ ۽ هتي هڪڙو نئون اسرائيل قائم ڪرڻ جون آهن،قومي عوامي تحريڪ مطالبو ٿي ڪري ته سنڌ ۾ وڌيڪ پناهگيرن تي بندش لڳائي وڃي، لکين پناهگيرن سڄي سنڌ ۾ ملڪيتون ۽ غيرقانوني طور قبضا ڪيا آهن، سنڌ حڪومت فوري جوڳا اپاءُ وٺي ۽ پناهگيرن کي ڪئمپن تائين محدود ڪيو وڃي، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي 16000 ملازمن کي نوڪرين مان برطرف ڪرڻ، دراصل سورنهن هزار خاندانن جو معاشي طور قتل عام ڪرڻ آهي، قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌ جا ماڻهو چيف جسٽس آف پاڪستان کي اپيل ٿا ڪن ته بيروزگار ٿيل هزارين ماڻهن کي نوڪرين مان برطرفين واري فيصلي کي مسترد ڪيو وڃي،  اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ارسا سنڌ کي حصي جو پاڻي فراهم نٿو ڪري، سنڌ کي برپٽ ۽ بيابان بڻائڻ لاء ڊيمن کي تعمير ڪرائڻ جو سازشون سٽيون پيون وڃن، ٻئي طرف  سنڌ کي جيڪو پاڻي ملي ٿو ان تي سنڌ حڪومت جا وزير ۽ حڪومتي وڏيرا ۽ جاگيردار زبردستي چوري ڪن ٿا نتيجي ۾ سنڌ جي عام آبادگار ۽ شهرين کي پيئن لاء ڍڪ پاڻي به نصيب نٿو ٿئي، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته، ٿر ڪول ۾ ڌارين کي نوڪريون ڏنيون ويون آهن،  ۽ هتي جي مقامي ماڻهن کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي، ٻئي پاسي سنڌ جي تهذيبي ماڳ ڪارونجهر جبل جي غير قانوني کوٽائي جاري آهي، ٿر  جي معدنيات پاڪستان جي لاء روشن مستقبل آهي، تنهڪري قومي عوامي تحريڪ اها گهُر ٿي ڪري ته ٿري عوام کي روزگار ۽ وسيلن تي نوڪرين جو پورو حق ڏنو وڃي، قومي عوامي تحريڪ مطالبو ٿي ڪري ته سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ بند ڪن ۽ سنڌ کي  ٻين صوبن وانگر تعليم، روزگار، پاڻي ۽ بنيادي سهوليتون ميرٽ جي بنياد تي بنا ڪنهن تفريق جي ڏنيون وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.