”ڊي سي سجاول هٽايو، ضلعو بچايو“اي پي سي جي سڏ تي مختلف تنظيمن پاران احتجاجي ريلي

سجاول جي ڊپٽي ڪمشنر ۽ ضلعي سجاول جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ قائم ڪيل آل پارٽيز ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن وچ ۾ ٿيندڙ  تڪرار تيز ٿيڻ بعد آل پارٽيز ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي  ڊپٽي ڪمشنر سجاول هٽايو تحريڪ جي سلسلي ۾  مختلف سياسي سماجي قومپرست ڌرين ۽ شهرين پاران سجاول شھر جي مامون لاڏو چوڪ کان آل پارٽيز ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن يونس ڀان، ايس ٽي پي ضلعي سجاول جي صدر عبدالغني ملاح ،جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور ،شهري اتحاد جي اعظم عمراڻي نثار ميمڻ، عوامي تحريڪ جي حسين آزاد ميمڻ ،قومي عوامي تحريڪ جي يوسف ڪنڀار جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻهن پاران  احتجاجي ريلي ڪڍي بدين ۽ ڪراچي طرف ويندڙ مين روڊ تي ڊپٽي ڪمشنر سجاول جي ھائوس آڏو ڌرڻو ھنيو ويو، آل پارٽيز ايڪشن ڪميٽي ۾ شامل پارٽين پاڪستان تحريڪ انصاف مجلس وحدت المسلمين جمعيت علماءِ  اسلام، قومي عوامي تحريڪ سنڌ ترقي پسند پارٽي ايس يو پي، لغاري اتحاد  ،شھري اتحاد ،سجاول اميرالبحر، پ پ شھيد ڀٽو ۽ ٻين پارٽين جي اڳواڻن احتجاجي ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته ڊپٽي ڪمشنر سجاول محمد اسماعيل ميمڻ جي مقرري بعد ضلعو بنيادي مسئلن جي ور چڙهي ويو آهي، ڊي سي صرف وڏيرن ڀوتارن جي ڪمداري وارو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي جنهن ڪري کيس ضلعي جي عوام ۽ عوامي مسئلن سان ڪا دلچسپي ناهي، هنن چيو ته آل پارٽيز ايڪشن ڪميٽي ضلعي سجاول جي بنيادي مسئلن جي حل جدوجهد ڪري رهي ، هنن چيو ته جيستائين ڊپٽي ڪمشنر سجاول کي هٽايو نه ويندو تيستائين احتجاجي ڌرڻو جاري رکيو ويندو،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.