ڪراچي ۾ شاگردن جي ڪورونا ويڪسينيشن جو سلسلو شروع

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڪورونا کان بچاءَ لاءِ تعليمي ادارن ۾ 17 ورهين جي عمر جي شاگردن جي ويڪسينيشن جو عمل شروع ٿي ويو.

تعليم کاتي موجب تعليمي ادارن ۾ 17 سالن ۽ ان کان وڌيڪ عمر جي شاگردن کي ويڪسين لڳندي.

نائين کان ٻارهين درجي تائين شاگردن کي ڪورونا کان بچاءَ جي ويڪسين لڳائڻ لاءِ والدين کان راضپي جو سرٽيفڪيٽ وٺڻ جو فيصلو به ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته سنڌ حڪومت تعليمي ادارا ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جي شرط تي کولڻ جو اعلان ڪيو هو، ان سلسلي ۾ شاگردن جي والدين جي رضامندي کي به ضروري قرار ڏنو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.