ملازمن جون برطرفيون ۝ڇو؟

سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪندي حڪومت ملازمن کي گھر ڀيڙو ڪرڻ جو حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو.يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪندي بحال ملازمن کي نوڪرين تان برطرف ڪرڻ جو حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ 441 ملازم شامل آهن. ملازمن کي برطرف ڪرڻ وارو حڪم حڪم نامو، برطرفي ايڪٽ 2010 تحت بحال ڪيل ملازمن تي لاڳو ٿيندو، حڪم نامي موجب لاڳاپيل زونل مينيجرز گريڊ 13 تائين، جڏهن ته گريڊ 14 يا ان کان مٿي برطرف ملازمن جي خلاف هيڊ آفيس جي سطح تي ڪارروائي ٿيندي.حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته ملازمن کان بحالي وقت حاصل ڪيل مالياتي فائدا وصول ڪيا ويندا، جڏهن ته بحالي کان پوءِ پگھارن ۽ الائونسز تحت حاصل ڪيل رقم واپس نه ورتي ويندي،.سپريم ڪورٽ اهڙو حڪم نامو 17 آگسٽ تي جاري ڪيو هو جنهن تي عمل درآمد ڪيو ويو آهي. هن کان اڳ سپريم ڪورٽ پ پ  دور  2009ع-2010ع ۾ بحال ڪيل 2900 ملازمن کي پڻ برطرف ڪرڻ جو فيصلو ڪري چڪي آهي، جن ۾  برطرف ٿيندڙ ملازمن جي وڏي اڪثريت سنڌ سان تعلق رکي ٿي، ان کان سواءِ ٻين کاتن مان پڻ ملازمن جون برطرفيون جاري آهي.

تحريڪ انصاف جي حڪومت کي هاڻي ٽي سال پورا ٿيندا، تحريڪ انصاف جي ٻين چونڊ نعرن ۾ هڪ اهم نعرو اهو به هو ته ملڪ ۾ ڪروڙن جي انگ ۾ عوام کي نوڪريون ڏنيون وينديون، ايتري قدر جو تحريڪ انصاف جا نه رڳو وزير ۽ مشير پر خود وزيراعظم عمران خان پڻ وڏي واڪي اهو اعلان ڪندو هو ته تحريڪ انصاف جي دور ۾ دنيا جي ٻين ملڪن مان به ماڻهو پاڪستان نوڪريون ڪرڻ ايندا، پاڪستان ۾ ڪو به ماڻهو بي روزگار نه رهندو، پر هاڻي صورتحال ان جي بلڪل ابتڙ آهي.

سوال هي نه آهي ته رڳو انهن ملازمن کي برطرف ڪيو پيو وڃي جيڪي پيپلز پارٽيءَ جي دور ۾ ايڪٽ ذريعي مستقل ڪيا ويا هيا، ان موقعي تي اسان اهو بلڪل به موقف اختيار نه ڪنداسين ته جن ملازمن کي پيپلزپارٽيءَ جي دور ۾ ايڪٽ ذريعي بحال ڪري مستقل ڪيو ويو هو، انهن کي ڇو برطرف ڪيو ويو آهي، پر اسان هن موقعي تي اهو موقف اختيار ڪنداسين ته جن ملازمن کي پنهنجين نوڪرين تي بحال ٿئي يارنهن سالن کان مٿي جو عرصو ٿي ويو آهي انهن کي پنهنجين نوڪرين مان نيڪالي ڏيڻ ڪنهن به طور تي مناسب فيصلو نه آهي ۽ اهڙو فيصلو ان ڪري به مناسب نه آهي ته دنيا جي ڪنهن به ملڪ جي حڪومت هُجي اها ڪڏهن به سرڪاري ملازمن کي برطرف نه ڪندي آهي ۽ نه ئي وري انهن جي برطرفين لاءِ ملڪ جي اعلى عدالت کان ڪا مدد وٺندي آهي، پر ان سلسلي ۾ افسوس جي ڳالهه اها آهي ته جتي عدالت کي هزارين ملازمن کي برطرف ڪرڻ جو ازخود نوٽس وٺڻ گهرجي ها، اتي عدالت پاڻ هزارين ملازم پنهنجي حڪم سان برطرف ڪري رهي آهي، جنهن ڪري سموري ملڪ خاص ڪري سنڌ ۾ انتهائي مايوسيءَ واري صورتحال آهي.

تحريڪ انصاف جي حڪومت جو خيال آهي ته ملڪ جي وفاقي ادارن ۾ ملازم واڌو انگ آهن، جن کي برطرف ڪرڻ سان انهن ادارن تان هڪ ته مالي بار گهٽائي سگهبو ۽ ٻيو ته انهن ادارن جي ڪارڪردگي به بهتر بڻائي سگهبي، فرض ڪريو ته اهڙو موقف ڪنهن حد تائين درست به هوندو، پر ڇا اهڙي صورتحال ۾ ملازمن کي  هزارن جي انگ ۾ برطرف ڪرڻ ڪو مناسب فيصلو آهي، اسين سمجهون ٿا ته هرگز نه آهي، ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته ملڪ جي جيڪي ادارا پيداوار ڏيندڙ آهن جيئن پاڪستان اسٽيل ملز ته ان مان بدانتظامي دور ڪري ان اداري کي پيداواري دور ۾ داخل ڪجي ها، بجاءِ جو ان مان هزارن جي انگ ۾ ملازم برطرف ڪري ان اداري کي ئي بند ڪري ڇڏجي، جڏهن ته ڪجهه ادارا خدمتون آڇيندا آهن جيئن سوئي گيس ۽  يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن اهڙن ادارن جي ڪارڪردگي پڻ بهتر بنائڻ جي ضرورت هُئي، جيڪڏهن ضروري هُجي ها ته ڪم چور ۽ ڪرپٽ ملازمن کي برطرف ڪيو وڃي ها يا انهن خلاف انتظامي ڪارروايون ڪيون وڃن ها پر اهڙي نموني انهن کي برطرف ڪرڻ ڪنهن به طور تي مناسب عمل نه آهي.

ملازمن جي برطرفيءَ جي حوالي سان اسان جو اهو ئي خيال آهي ته حڪومت کي پنهنجي عوام لاءِ نوڪرين جا وڌ ۾ وڌ ذريعا پيدا ڪرڻ گهرجن، سماج ۾ موجوده حڪومتي ادارن جي ڪارڪردگي بهتر کان بهتر بنائڻ گهرجي، ادارن کي بهتر بنائڻ لاءِ انتظامي سطح تي ڪارروايون ٿيڻ گهرجن، نه ڪي ٻڌي انگ ۾ ملازمن جون برطرفيون، حڪومت جهڙي نموني سان ملڪ جي مختلف ادارن مان ملازمن جون برطرفيون ڪري رهي آهي ان مان اها ئي ڳالهه وڌيڪ درست ثابت ٿي رهي آهي ته ملڪ معاشي طور تي ويهجي ويو آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ملڪ جي پيدواراي عمل کي بهتر بڻايو وڃي نه ڪي ملازمن کي برطرف ڪيو وڃي، ملازمن جون برطرفيون نتيجي ۾ ملڪ ۾ هڪ اهڙي ماحول کي جنم ڏينديون جيڪو رڳو منفي سوچ ۽ عمل کي ئي جنم ڏئي سگهي ٿو. هن موقعي تي اسان رڳو اها ئي گذارش ڪنداسين ته ادارن مان ملازمن جي برطرفين واري عمل کي روڪي برطرف ملازمن کي بحال ڪرڻ سميت اهڙا قدم کنيا وڃن جن مان ملڪ جو پيداواري عمل سرگرم ٿي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.