پنو عاقل جا 3 مغوي بازياب نه ٿيا، پوليس ٻوٽو نه ٻاريو، مظاهرا

پنو عاقل ( رپورٽ: نور محمد سومرو ) پنوعاقل مان اغوا ٿي ويل چئن نوجوانن کي انتظاميان واپس ڪرائڻ ۾ ڪو به ٻوٽو نه ٻاريو،3 ڪلھوڙا ۽ ھڪ ڪلوڙ جي گھرن ۾ مايوسي جي لھر،گھر ڀاتي عيد جون خوشيون ملھائي  نه سگھندا،ھڪ ھفتو اڳ بائيجي ٿاڻي جي حد چونگھا ڳوٺ مان گھر ويندي سي پيڪ لڳ اغوا ٿي ويل علي رضا، اختيار ۽ فرحان ڪلھوڙو جو ڪو به ڏس پتو نه مليو ۽ نه ئي کين جي وارثن يا پوليس کي ڌاڙيلن ڏانھون چٺي يا فون نه آيو،جڏھن ته 3 ڏينھن اڳ رات جو اغوا ٿي ويل تعلقه اسپتال جو ملازم مختيار ڪلوڙ جي وارثن کي تيغاڻي ڌاڙيلن پاران ھنن وٽ ھجڻ جي تصديق ۽ کيس جي وارثن کان ڀنگ جي گھر ڪئي وئي،ڪلھوڙا ۽ ڪلوڙ برادري جي ماڻھون پاران نوجوان بازياب ڪرائڻ لاءِ ڪوششيون جاري،جڏھن ته سياسي سماجي شھري واپاري اڳواڻن توڙي تعلقه اسپتال جي ڊاڪٽر انتظاميان پاران پريس ڪلب کان احتجاجي مظاھرا ڪري حڪومت سنڌ سکر انتظاميان کان گھر ڪئي آھي ته اسان کي پنھنجا نوجوان بازياب ڪرائي ڏنا وڃن ته جئين اسان پنھنجي ٻچڙن سان عيد ملھائي سگھون،ھوڏانھون علائقي جي سڄاڻ اڳواڻن مغوين جي وارثن سان ملاقاتون ڪري ھمدردي ڪرڻ سان گھر ڪئي ته سرڪار ڌاڙيلن کان نوجوان جوان بازياب ڪرائي کين جي وارثن مان بي چيني ختم ڪرائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.