سجاول جوڻيجي ۾ گرم کير ۾ ڪري نينگري فوت

سجاول جوڻيجو ( ن ع آ ) سجاول جوڻيجو شھر ۾ پورھيت گلزار بروھي جون ٻه معصوم نياڻيون 6 سالن جي بسمه ۽ 4 سالن جي زھران بروھي گھر جي اندر گرم کير ڪرڻ دوران ٻالٽي ۾ ڪري زخمي ٿي پيون ھيون جن کي گمبٽ اسپتال ۾ علاج لاءِ داخل ڪرايو ويو ھيو ، جتي زخمن جا سور نه سھندي معصوم بسمه بروھي فوت ٿي وئي آھي ۽ معصوم زھران بروھي پڻ اسپتال داخل آھي جنھن جي به حالت نازڪ ٻڌائي وڃي ٿي ، فوتي نينگرين جي پورھيت والد ٻڌايو ته  ڏھي کپائي ٻچڙن جو پيٽ پاليندو آھيان جنھن ۾ چار ڏينھن پھريان گھر ۾ کير گرم ڪري رکيو ٻئي معصوم ڀينرون کٽ تي راند ڪري رھيون ھيون جيڪي گرم کير ۾ ڪري زخمي ٿي پيون جن کي علاج لاءِ گمبٽ اسپتال داخل ڪرايو ويو ھيو جتي معصوم بسمه فوت ٿي وئي آھي ھوڏانھن معصوم جو لاش گھر پھچڻ تي قھرام مچي ويو ، زخمي معصوم نينگري زھران بروھي جي حالت به خراب بڻيل آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.