سنڌ حڪومت جو عوام کي 30 هزار نوڪريون ڏيڻ جو اعلان

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عوام کي 30 هزار نوڪريون ڏيڻ جو اعلان ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته وفاق ۽ ٻيا صوبا به سنڌ وانگر گهٽ ۾ گهٽ پگهار 25 هزار رپيا مقرر ڪن.

پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته وفاق کي سنڌ کي 147 ارب رپيا ڏيڻا هئا پر هاڻي چيو ويو آهي ته جون ۾ 104 ارب رپيا ڏنا ويندا، لڳي نٿو ته اهو واعدو به پورو ٿيندو.

هن چيو ته پورهيتن کي 25 هزار رپيا پگهار ڏيڻ جو وڏو ٽارگيٽ آهي، اڳ پهرين گريڊ وارن ملازمن کي ساڍا 17 هزار پگهار ملندي هئي، هاڻي اها 25 هزار ڪئي وئي آهي، 25 هزار پگهار به مهانگائي واري دور ۾ گهٽ آهي.

سندس چوڻ هو ته سنڌ سرڪار ڪراچي جي ترقي لاءِ هڪ سئو 10 ارب رپيا رکيا آهن، مون اڳ ئي چيو هو ته ڪراچي جي ترقي لاءِ 3 هزار ارب رپيا گهرجن، سنڌ ۾ ڪير ڪم نه ٿو ڪري اهڙا بيان ڏنا پيا وڃن، انهن کي ٻڌايان ته سنڌ سرڪار ڪراچي سميت سڄي صوبي ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا.

سيد مراد علي شاهه چيو ته صحت، تعليم، اسپورٽس، لوڪل گورنمينٽ، يونيورسٽيز ۽ ٻين کاتن جي بجيٽ ۾ واڌ ڪئي آهي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.