ملڪ ۾ هڪ ڪروڙ ماڻهن کي ڪورونا ويڪسين لڳي وئي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر سربراهه اسد عمر چيو آهي ته ملڪ ۾ هڪ ڪروڙ ماڻهن کي ڪورونا ويڪسين لڳائي وئي آهي.

اسلام آباد ۾ سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي اسد عمر چيو ته ڪورونا جي ٽين لهر خلاف کنيل قدم اثرائتا ثابت ٿيا، پابندين سان ڪيس گهٽيا پر اڃا خطرو ٽَريو ناهي، حڪومت کي وبا خلاف وڙهڻ لاءِ عوامي سهڪار جي ضرورت آهي.

هن ٻڌايو ته پاڪستان ۾ هڪ ڪروڙ ماڻهن کي ويڪسين هڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهيون، ويڪسينيشن لاءِ روز ساڍا 3 لک ماڻهن جي رجسٽريشن ٿي رهي آهي، ڊسمبر تائين 7 ڪروڙ ماڻهن کي ويڪسين لڳائڻ جو هدف آهي، عوام جلد کان جلد ويڪسين ڪرائي ته جيئن پابنديون ختم ٿي سگهن.

ان موقعي تي فواد چوڌري چيو ته پاڪستان جي ڪورونا خلاف پاليسي جي دنيا تعريف ڪري رهي آهي، وزيراعظم ان جنگ کي قوم کي مايوس ٿيڻ نه ڏنو ۽ اين سي او سي وزيراعظم جي پاليسي لاڳو ڪئي، جنهن جي جيتري تعريف ڪجي گهٽ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.