وڇڙيو آهين وسريو ناهين

شهاب الدين منشي جي ورسي جي مناسبت سان

اسان جي سماج ۾ ڪجهه ماڻهو اهڙا به هوندا آهن، جيڪي پنهنجي سڄي حياتي خلق خدا جي خدمت ۾ گذاري انساني احساس، اخلاقيات ۽ مذهبي رواداري جو خاص مثال بڻيل رهندا آهن. اهڙا ماڻهو وقت جي ڪيترن وهڪرن ۽ لاهن چاڙهن باوجود پنهنجي ماڻهن جي دلين ۾ هميشه رهندا آهن ۽ سندس حياتي  جا شاندار گذاريل ڏهاڙا  هميشه ٻين لاءِ  اتساهه جو سبب بڻيل رهندا آهن. حيدرآباد جو سياسي، سماجي شخص شهاب الدين منشي به  اهڙن شخصيتن مان هڪ  شخصيت جو مالڪ انسان هو، جنهن هميشه پنهنجي هڙان وڙان ڏکائيل انسانن جي مدد ڪري انسانيت جو ڳاٽ اونچو ڪيو آهي. شهاب الدين منشي سياسي ميدان ۾ عام رواجي سياستدانن کان هٽي ڪري عوام جي حقيقي خدمت ڪئي. اهو ئي ڪارڻ آهي ته  اڄ کيس سياسي حلقي ۾ به اهميت حاصل آهي.

شهاب الدين منشي جو  جنم 1950 ۾ محمد اسماعيل منشي جي گهر حيدرآباد ۾ٿيو، هن پنهنجي تعليم حيدرآباد مان حاصل ڪئي ۽ سچل سرمست ڪاليج  ۾ شاگرد يونين  جو صدر چونڊيو، ايل ايل بي پاس ڪرڻ کان پوءِ سنڌ لا ڪاليج ۾ تعليم حاصل ڪرڻ دوران شاگردن جي حقن ۽ شاگرد جي بنيادي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪنوينر  چونڊيو ويو، جڏهن ته شاگردن سان هر ڏکئي گهڙي ۾ گڏ بيهي هڪ آواز ٿي مسئلا حل ڪرايا، شهاب الدين منشي جيڪو  هڪ سال اڳ اسان کان وڇڙي ويو آهي، حيدرآباد جي منشي خاندان جون سياسي، سماجي،  ادبي ۽  صحافتي خدمتون ڪنهن کان  ڳجهيون نه آهن هي خاندان فقير منش آهي، شهاب الدين منشي مشهور سياسي ۽ سماجي شخصيت جو مالڪ هو، سندس پڙ ڏاڏو خان بهادر نجم الدين منشي آزادي واري تحريڪ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو.

شهاب الدين منشي جو شمار شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد بينظير ڀٽو  جي ويجهن ساٿين ۾ ٿئي ٿو، پاڻ هميشه ملڪ ۾ جمهوريت جي بقا لاءِ جدوجهد ڪري گذاري، شهاب الدين منشي، ڀُٽي جي دور ۾ جڏهن شملا  اشو هلي رهيو هو ان دوران ذوالفقار علي ڀٽي مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن سان مشورا شروع ڪيا، جنهن ۾مختلف تعليمي ادارن جي شاگردن يونين جي صدرن جي وفد کي سرڪٽ هائوس ڪراچي تي گهرايو، ان وفد جي اڳواڻي شهاب الدين منشي ڪئي. جنهن دوران هن ڀٽي صاحب کي چيو ته ڀارت پاڙيسيري ملڪ آهي، ان سان ڳالهيون ٿيڻ گهرجن. ان موقعي تي هن جيڪي دليل ڏنا ڀُٽي صاحب ان مان متاثر ٿيو، ان کان پوءِ جڏهن به ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي گهر واري بيگم نصرت ڀٽو سان گڏ حيدرآباد ۾ ايندو هو ته شهاب الدين سان ملاقات ضرور ڪندو هئو.

شهاب الدين پ پ جو نظرياتي ڪارڪن رهيو، جنهن پنهنجي زندگي ۾ سياسي  سرگرمين ۾ ڀرپور حصو ورتو، ايم آرڊي دور ۾ تحريڪ شروع ٿي ته هن ڀرپور حصو ورتو، هن  سنڌي ٻولي کي  قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ ۽ ون يونٽ خلاف ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، شهاب الدين منشي هر دل عزيز شخصيت جو مالڪ هو، هر وقت مهمان نواز ۽ هر ڪنهن کي محبت ڏيندڙن مان هڪ هو. جنهن پنهنجن وڏن جي نقش قدم تي هلي انهن روايتن کي برقرار رکيو.  شهاب الدين منشي جون ملڪ جي وڏن اهم شخصيتن سان ملاقاتون پڻ رهيو، ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو، سائين جي ايم سيد، هن وقت پاڪستان جي وزير اعظم عمران خان، مخدوم شاهه محمود قريشي، مولانا شاهه احمد نوراني، رسول بخش پليجو، عبدالواحد آريسر، ملڪ جو اڳواڻو صدر ممنون حسين، سيد  قائم علي شاهه، بشير خان قريشي، ڊاڪٽر قادرمگسي، اياز لطيف پليجو، اڳوڻو رٽائرڊ جسٽس راڻا ڀڳوان داس،  چوڌري افتخار احمد ، سيد ديدار حسين شاهه ۽ ٻيا شامل آهن. جڏهن ته منشي هائوس حيدرآباد تي ڪيتريون ئي اهم شخصيتون اينديون رهيو آهن.

مرحوم شهاب الدين منشي ڪيترن ئي غريب ماڻهن خاص طور تي غريب شاگردن جي مدد ڪندو هو،  هن جي هر وقت خير ۽ خيراتي وارو ڪم هلندڙ هو،  حيدرآباد ۽ ان جي ڀر پاسي وارن علائقن ۾ ايڌي جهڙو ڪردار رکندو هو، پاڻ  هڪ سچو ۽ کرو صاف  دل جو مالڪ هو،  هن جي هميشه شفقت واري سوچ هئي. مونسان به اڪثر وقتن ۾ سٺي ڪچهري ڪندو هو، اخبار ۾ڪم ڪرڻ دوران پيش ايندڙ مشڪلاتن جي حل لاءِ صلاح مشورا ڏيڻ سان گڏ مونکي پنهنجي اولاد جيان سمجهندو هو. پاڻ 30 اپريل 2020 ، رمضان شريف جي بابرڪت  مهيني جي 6 روزي تي اسان کان  وڇڙي ويو،

اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين

آديشي اٿي ويا مڙهيون مون مارين،

جي جي جيارين سي لاهوتي  لڏي ويا،

منشي خاندان پاران قائد اعظم محمد علي جناح جي چوڻ تي آزادي جي تحريڪ کي زور وٺرائڻ لاءِ حصو وٺڻ سان گڏ حيدرآباد مان هڪ اخبار هلال پاڪستان اخبار منشي عبدالشڪور شايع ڪئي، آزادي جي تحريڪ ۾ جڏهن ريشمي رومال واري تحريڪ شروع ٿي ته موجوده منشي هائوس حيدرآباد کي ڳجهو هيڊ ڪوارٽر بنايو ويو، منشي عبدالشڪور حيدرآباد جو مشهور شخصيت  حاجي امين الدين منشي جو فرزند هو، جيڪو حيدرآباد جو چونڊيل ميئر رهيو، منشي عبدالشڪور هلال پاڪستان جو مالڪ هئڻ سان گڏ حيدرآباد جو مشهور قانوندان به هو. مرحوم شهاب الدين منشي جيڪو پاڻ هڪ سٺي لکيل، پڙهيل، ادبي ۽ سياسي خاندان سان تعلق رکڻ ڪري سندس اولاد عبدالوهاب  منشي، سلمان منشي، نعمان منشي به پنهنجي والدين جي روايتن کي برقرار رکي اهائي سوچ رکن ٿا، جيڪي سندن والدين رکندا هئا. اڄ شهاب الدين منشي کي اسان کان وڇڙئي هڪ سال ٿيو آهي، پر ان جي باوجود سندس  اسان کان وسريون نه آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.