احساس ڪفالت سينٽرن آڏو عورتن جي ٿيندڙ تذليل ۽ حڪمرانن جي بي حسي!

ايڊووڪيٽ عبدالله ڇڄڻ

او اَبا وڪيل، مون کي پئسا وٺي ڏي، منهنجا پُٽ مان بيواهه، بي وَس، اکين کان ڪمزور، جڏڙي ۽ صبح کان هتي بيٺل آهيان، ڪير واهر به ڪونه ٿو ڪري ۽ چون ٿا ته رقم نڪرڻ کان اڳ هزار روپيا ڏي ته پوءِ توکي پئسا ڪڍرائي ٿا ڏيون، اَڙي بابا مون وٽ ته واپسي جو ڀاڙو ئي ڪونهي ۽ نه ئي وري روزو کولڻ لاءِ ٽڪا اٿم، احساس ڪفالت پروگرام جي انهن پئسن آسري آئي هُيم ته من ڪي پئسه اچن ته ڏوهٽن کي عيد جا ڪپڙا وٺي ڏيان، اُهي به ڇورا ڇنا يتيم ٿي ويل ٻار آهن، سندن پيءُ غربت سبب خودڪشي ڪري ڇڏي هئي، تنهن ڪري چار ئي ٻار مون ٻڍڙي ڏانهن نهاريندا رهندا آهن.“اهي لفظ ٻُڌي جسم ڪانڊارجي ويو، پيرن هيٺان زمين نڪري وئي، طرحين طرحين جا سوال ذهن ۾ اچڻ لڳا ته آئين موجب هر شهري جي بنيادي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ته رياست جي ذميداري هوندي آهي پر هتي اسان وٽ هميشه  وانگر تبديلي جي نالي تي اقتدار ۾ آيل توڙي گذريل تيرنهن سالن کان به وڌيڪ عرصي کان  سنڌ ۾ هڪ ئي جماعت حڪمران هجڻ جي باوجود اڃا تائين اُهي نه غربت ختم ڪري سگهيا آهن ۽ نه ئي اهڙن بيوس ۽ لاچار ماڻهن جون ضرورتون پوريون ڪري سگهيا آهن، جن بابت انهن اقتدار سنڀالڻ کان اڳ وڏيون دعوائون ۽ اعلان ڪيا هئا! بهرحال، سنڌ جي اها ٻُڍڙي عورت. جيڪا ڪنهن ننڍڙي ڳوٺ يا شهر مان  اِحساس ڪفالت سينٽر تي پهتل ڪونه هئي پر اها جيڪا پنهنجن اکين مان نير وهائي زارو قطار روئي رهي هئي ۽ اوچتو جڏهن آئون حيدرآباد جي حيدر چوڪ تان گذري رهيو هيس ته پنهنجي معصوم 10 سالن جي پوٽي سان گڏ پيرسن عورت جو هٿ وٺي مون ڏانهن وڌيو ته اهي منظر ڏسي عجيب ڪيفيت ٿي وئي ته نيٺ سنڌ جي ماڻهن سان اهڙو حال ڪنهن ڪيو آهي، جيڪا سنڌ سڄي ملڪ کي پالي ٿي، پر بدلي ۾ سنڌ جي نوجوانن کان ويندي معصوم ٻارن، عورتن، ٻڍڙين ۽ پيرسن ماڻهن کي سواءِ بک ۽ بدحالي جي ٻيو ڪجهه ناهي ڏنو ويو، اها ٻڍڙي عورت به ان ظلم جو ئي شڪار آهي، جنهن سان مون رستي ويندي بيهي حال اوريا ته انهيءَ ٻڍڙي جيجل جو داستان ٻڌي دل رت جا ڳوڙها روئڻ لڳي.غربت، بک، بدحالي، بدامني، مهانگائي ۽ لاقانونيت مطلب ته هر لحاظ کان سڄي سنڌ جو حال هيڻو آهي، ڪهڙي بيوسي جو ذڪر ڪجي، مٿان مهانگائي جي راڪاس عوام جون متيون ئي منجهائي ڇڏيون آهن، ڪنهن به هنڌ ڪوبه چيڪ اينڊ بئلينس ڪونهي، گذريل ڪجهه ڏينهن کان سڄي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان جيئن ئي ڀلارو مهينو رمضان شريف شروع ٿيو آهي گڏوگڏ حڪمرانن کي لاڪ ڊائون جو بهانو به ملي ويو آهي، سندن هر قسم جي واپرائيندڙ شين، ڀاڄين ۽ فروٽن توڙي عام واهپي وارين شين جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن، گڏوگڏ وفاقي حڪومت طرفان غريب ۽ مستحق ماڻهن کي اِحساس ڪفالت پروگرام جي قسط ڏيڻ جي اعلان کانپوءِ ته سڄي سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ سينٽرن ٻاهران هزارن جي تعداد ۾ مرد ۽ عورتون نٽهڻ اُس ۾ قطارون جي صورت ۾ بيٺل نظر اچن ٿيون، جيڪي بي وس ۽ لاچار غربت جا پيڙهيل ماڻهو صبح جو سج اڀرڻ کان سج لهڻ تائين پنهنجن ٻچن ۽ ٻارن سميت هن موتمار گرمي اندر پنهنجي واري جو انتظار ڪندي نظر اچن ٿا،ڪي ته اُهي بي وسي عورتون جن جي هنج ۾ اُهي کير پياڪ معصوم ٻار به نظر اچن ٿا، سي عورتون سڄو سڄو ڏينهن انهن بئنڪن جي اي ٽي ايمز آڏو هڪ کان ٻن پوليس وارن جي پهري هيٺ واجهائي رهيون آهن، مون کي حيرت ته ان وقت وڌيڪ ٿيندي آهي جڏهن اِحساس ڪفالت سينٽرن، جن کي آئون ته ذلالت سينٽر ئي چئي سگهان ٿو، جتي ٻيو ته گهڻو ڪجهه انهن بي وس ۽ لاچار ماڻهن سان ٿي رهيو آهي پر ٺڳي واري صورت ۾ چور دروازي مان موڪليل ايجنٽ جيڪو ڪجهه ڪري رهيا آهن، ان ۾ به هڪ وڏي مافيا ڪم ڪري رهي آهي، جن هٿان اهي غريب عورتون ڦُرجي رهيون آهن، اسان وٽ سنڌ پوليس ۾ هزارين عورت پوليس اهلڪار به موجود هجن ٿيون ۽ سندن اڪثر ته گهر ويٺي پگهارون به کڻن ٿيون ۽ سون جي تعداد ۾ انهن هنڌن تي مقرر آهن جتي ليڊي پوليس اهلڪار جي ضرورت ئي نه هجي ٿي، حڪومت طرفان انهن مسڪينن کي 12 هزار رپين جو وظيفو ڏئي جيڪو غربت جي خاتمي وارو نعرو هڻي رهي آهي، جنهن سان غربت ته ختم ٿي نه سگهي آهي پر ماڻهن لاءِ رسوائي وڌي وئي آهي، هن سخت گرمي ۾ حڪومت ٻيو ته ڪجهه نه ٿي ڪري سگهي، پر گهٽ ۾ گهٽ انهن لاچار عورتن جن مان ٻه پوليس اهلڪار جيڪي شهپر وٺي وڏي لٺ هٿ ۾ کڻي چوڪيدار ٿيا بيٺا آهن انهن بي وس عورتن جي ٺهيل قطار ۾ انهن ليڊي پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪيو وڃي، جيڪي گهر ويٺي پگهارون ۽ ضرورت کان وڌيڪ هنڌن تي نوڪريون ڪري رهيون آهن.احساس ڪفالت سينٽرن ٻاهران اهڙيون ڪيتريون ئي مائرون موجود آهن جن ۾ جتي آئون شروعاتي سٽن ۾ ذڪر ڪري چڪو آهيان ته جيڪي ويچاريون نه رڳو هن لڱ ساڙيندڙ گرمي ۾ قطارن ۾ بيٺيون رهن ٿيون پر گڏوگڏ انهي ٺڳ ايجنٽ ٽولي جو به شڪار ٿي رهيون آهن جيڪو ٽولو انهن بي وس عورتن کان هڪ هزار کان ٻه هزار رپين تائين ڪٽوتي ڪري ٿو، رتيديري مان رپورٽ شايع ٿي هئي ته اُتي احساس ڪفالت سينٽر ٻاهران عورتن سان جيڪا تذليل ڪئي پئي وڃي تنهن جو مثال ملڻ ئي مشڪل آهي، چيو پيو وڃي ته اُهي مستحق عورتون ۽ نياڻيون سڄو سڄو ڏينهن اهڙين سينٽرن تي بيهي هٿين خالي واپس وڃڻ تي مجبور آهن ۽ جيڪڏهن ڪنهن مستحق جي رقم آيل به آهي ته انهن کان ايجنٽ ۽ بيٺل ڪرائي جا ٺيڪيدار في ڪارڊ تي هزار کان 1500 روپيا ڪٽوتي ڪن ٿا. رپورٽن موجب انهن ايجنٽن ۽ ٺيڪيدارن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪٽوتي نه ڪنداسين ته پوءِ انتظاميه ۽ پوليس جي ڪٿان پورت ڪنداسين. اُهي اسان سان ڀاڱي ڀائيوار آهن، انهن پئسن مان سندن حصو پتي ڏيڻو پوي ٿو، هتي پوليس يعني حد جو ايڇ ايس او جيڪو هونئن به رشوت جي پئسن جو ٺيڪيدار هجي ٿو، سو ان مافيا خلاف ڪيئن ڪارروائي ڪندو؟سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ذلالت سينٽرن کانپوءِ جيڪڏهن ڪنڌڪوٽ جي اهڙي سينيٽر جو ذڪر ڪجي ته اتي به صورتحال ساڳي آهي جتي سينٽر انتظاميا في ڪارڊ تي هڪ هزار روپيا ايجنٽ معرفت ڪٽوتي ڪري رهي آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن مستحق طرفان اهڙي زيادتي خلاف شڪايت جو آواز سگهارو ٿئي ٿو ته سندن اهڙي مستحقن کي انهي سينٽر انتظاميه پاران ڌڙڪا ۽ ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍيو پيو وڃي ۽ رقم لاءِ چار چار چڪر ڪاٽڻا ٿا پون. هي سڄي صورتحال اڄ حڪومت طرفان ڏنل انهيءَ غربت جي خاتمي واري رقم بنا نظم و ضبط جي ورهائڻ جي ڪري پيش اچي رهي آهي، گڏوگڏ انتظاميه مٿان اِهو به سوال اُڀري رهيو آهي ته حڪومت طرفان هر هر ڪورونا ڪيسز وڌڻ کانپوءِ جتي ايس او پيز تي عمل درآمد جون هدايتون جاري ڪيون پيون وڃن ته پوءِ هن صورتحال مان ئي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪٿي آهن انتظاميه پاران اعلانيل ايس او پيز!؟ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سڄي سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ مان انهن لاوارث عورتن سان ٿيندڙ زيادتيون ختم ڪرايون وڃن بلڪه ايجنٽن ۽ ٺيڪيدار مافيا خلاف به سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، ان حوالي سان لاڳاپيل ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن کي تحرڪ ۾ اچڻ گهرجي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.