ميرپورخاص ۾ هٿياربندن جي شهرين کان ڦرلٽ

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) ميرپورخاص ۾ ڦر جي وارداتن ۾ ڳڻتي جوڳو اضافو، ڏينهن ڏٺي جو هٿياربند پاران ڦر جو وارداتون معمولبڻيل آهي ميرپورخاص جي علائقي اسحاق ڪالوني جي رهواسي عمران کي ٽن نامعلوم هٿياربندن هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي 60 هزار ورپيا روڪ ۽ موبائيل فون جڏهن ته چوپائي مال جي خريداري لاءِ چوپائي مال جي پڙي ويندڙ واپاري کي پڙي وٽان 4 نامعلوم هٿياربندن هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي کنڀي کڻي وڃڻ بعد پبلڪ اسڪول روڊ تي کيس سخت تشدد جو نشانو بڻائي 80 هزار روپيا روڪ ۽ 2 موبائيل فون ڦر ڪرڻ بعد واپاري کي جھنگ ۾ ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا، واٽهوڙن پاران روڊ لڳ جھنگ ۾ زخمي کي ڏسي حد جي پوليس کي اطلاع ڪيو پوليس زخمي کي علاج لاءِ سول اسپتال داخل ڪرايو ويو آهي، ميرپورخاص شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڦر جي وارداتن  ۾ اضافي سبب رهواسي عدم تحفظ جو شڪار آهن سياسي سماجي ۽ واپارين مطالبو ڪيو آهي ته ڦر جي وارداتن ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري عوام جي جان مال جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.