درگاه حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي بند هئڻ خلاف دوڪاندار ۽ شهرين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، درگاه جي چاڙهي سميت دنبورا چوڪ ، منياري بازار جي دوڪاندارن توڙي شهرين پاران ڀٽ ڌڻي درگاه جي مک گيٽ سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ، ان موقعي تي احتجاج ۾ شامل دوڪاندارن ۽ شهرين اختيار علي وساڻ ، غلام مصطفا چانڊيو ، اسد علي ملاح ۽ ٻين جو چوڻ هو تـ ڏيڍ مهينو گذري چڪو آهي درگاه ڀٽائي بند آهي ، شهري توڙي دوڪاندار تمام گهڻو پريشان آهن، هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي درگاهون کولي انهن جي پريشاني ختم ڪئي وڃي .