اپوزيشن وٽ اڪثريت آهي ته بي اعتمادي رٿ آڻي: اعجاز شاهه

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) منشيات جي خاتمي بابت وفاقي وزير اعجاز شاهه چيو آهي ته جيڪڏهن اپوزيشن وٽ وڌيڪ ووٽ آهن ته بي اعتمادي رٿ ذريعي ان هائوس تبديلي آڻي، جيڪو سياسي رستو آهي.

لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اعجاز شاهه چيو ته لاهور ۾ 10 سيٽون ن ليگ وٽ آهن پر لاهور جلسي ۾ ڪيترا ماڻهو هئا، سبب اهو آهي ته اپوزيشن رياست خلاف ڳالهائي رهي آهي.

هن چيو ته پ پ جي سوچ سدائين سياسي رهي آهي، ان هائوس تبديلي سياسي معاملو آهي، جيڪڏهن اهي ڪري سگهن ٿا ته ڪن، روڊن تي اچي ڪنهن حڪومت کي غير فعال ڪرڻ يا ڪنهن اداري کي اهو چوڻ به حڪومت جي تبديلي جو سياسي رستو ناهي.

سندس چوڻ هو ته اپوزيشن بي اعتمادي رٿ آڻي ۽ کين وڌيڪ ووٽ مليا ته تبديلي ٿيندي، جيڪو تبديلي جو سياسي رستو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.