نواز شريف، ٻار ۽ سندس ٽيم سڀ ڪوڙا آهن: شهزاد اڪبر

لاهور(ويب ڊيسڪ) احتساب بابت وزير اعظم عمران خان جي خاص مددگار شهزاد اڪبر چيو آهي ته نواز شريف، هن جا ٻار ۽ سندس ٽيم سڀ ڪوڙا آهن.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وزير اعظم جي احتساب بابت خاص مددگار شهزاد اڪبر جو چوڻ هو ته ماضي ۾ گذارو ٿي ويندو هو پر هاڻ ڪوڙ پڪڙيو ويندو آهي، ڪوڙ جو سلسلو پاناما کان شروع ٿيو جيڪو هن وقت تائين جاري آهي، نواز شريف گذارشن ۾ به غلط بيان سان ڪم ورتو، پاناما فيصلي ۾ به هو ڪوڙو قرار ڏنو ويو، هن پنهنجي ڪوڙ جي لاءِ پارليامينٽ جو فورم استعمال ڪيو ۽ قوم کي گمراهه ڪيو ته هن جي خلاف ڪرپشن تي نه پر اقامي تي فيصلو ٻڌايو ويو، جڏهن ته نواز شريف اثاثا، ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ لڪائي، هن کي اقامي تي ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ تي ئي ڪڍيو ويو هو، اڳوڻو وزير اعظم آرٽيڪل 62 ۽ 63 تي پورو نه لٿو.

شهزاد اڪبر جو چوڻهو ته نواز شريف ۽ هن جا ٻار ۽ هن جي ٽيم سڀ ڪوڙا آهن ۽ هنن قوم سان مسلسل ڪوڙ ڳالهايو، پر هاڻ شريف خاندان جي ڪوڙ جو داستان پراڻو ٿي چڪو آهي، مريم نواز چيو ته مني لانڊرنگ ڇا پاڪستان ۾ به ملڪيت ناهي، خواجا آصف پنهجي اقامي جي آڙ ۾ رقم جي مني لانڊرنگ ڪندو رهيو سمورن اثاثن جي پٺيان ڪا به خريد و فروخت ناهي، هنن 2 سال گذرڻ کان پوءِ به ثبوت پيش نه ڪيا، احسن اقبال تي به اقامي جو ڪيش آهي هي رڳو ن ليگي اڳواڻن تي ڇو؟

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته نواز شريف اشتهاري ڊڪليئر قرار ٿي چڪو، هو سزا يافته ۽ هن جو ڪيس سنجيده آهي، ميڊيڪل بورڊ نواز شريف جي صحت تي سموري رپورٽ ڏني، ۽ عدالتي حڪم تي هن کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ملي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.