نصير آباد م سيشن جج جو هيلٿ مرڪز تي ڇاپو، ٿرٿلو

نصيرآباد (ن ع آ ) : سيشن جج قمبر شهدادڪوٽ جناب زاھد ميتلو ۽ سول جج نصيرآباد جناب ڪامران خان سنديلو رورل ھيلٿ  سينٽر نصيرآباد تي اوچتو ڇاپو هنيو ته عملي ۾ ٿرٿلو مچي ويو، ڇاپي دوران رورول ھيلٿ سينٽر نصيرآباد جي ايم ايس غير حاضر ھئي، عملي پاران سيشن جج کي ٻڌايو ويو ته ايم ايس سرڪاري ميٽنگ تي ويل آهي، سيشن جج اسپتال جي مختلف شعبن جو دورو ڪيو ۽ عملي کي ھدايت ڪئي ته ايندڙ مريضن جي چڱي ريت خدمت ڪئي وڃي.  ۽ کين سھولتيون فراھم ڪيون وڃن، سيشن جج عملي جو حاضري رجسٽر جي ڪاپي پڻ کنئي، جيئن حاضر ۽ غير حاضر عملي جي ڄاڻ ملي سگهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.