غوثپور پوليس جي وٺ پڪڙ،2 روپوش ڏوهاري سوگها

غوثپور( ن ع آ ) ايس ايس پي ڪشمور امجد شيخ جي حڪم تي روپوش جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس جي ڪارروائي مختلف ڪيسن ۾گهربل جوابدار 2 جوابدارن اڪبر عرف ببلو اوڳاهي نجيب الرحمان ولد حبيب لله سومرو کي گرفتار ڪري ورتو رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او غوثپور راڻو خان مهر ٻڌايو ته جوابدار پوليس کي ڏسي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس ناڪابندي ڪري 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي ايس ايس پي ڪشمور امجد شيخ جي حڪم تي پوليس ڪارروائي ڪري روڊ تي گشت ڪيو ويوآهي ڪنهن به ڏوهاري کي بخش نه ڪيو ويندو ڏوهاري بااثر ڇو نه هجن قانون سڀ لاءِ هڪ آهي.

ٺٽي ۾بد امني جو راڄ،نوجوان ڦر مزاحمت تي زخمي

ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) ٺٽي شھر جي اوجھري مسجد ڀرسان سنڌ ملاح فورم ٺٽو سٽي جي صدر محمد خان ملاح جي نوجوان پٽ مھتاب علي ملاح کان موٽر سائيڪل سوار تي سوار ٻن نامعلوم ھٿياربند ڦورن کائنس ھٿيارن جي زور تي موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي ڦورن کيس گوليون ھڻي سخت زخمي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا، زخمي نوجوان مھتاب علي ملاح کي سول اسپتال مڪلي ۾ داخل ڪيو ويو اھي، جتي ڊاڪٽرن پاران کيس لڳل گولي ڪڍڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آھن. ڊاڪٽر موجب گولي کيس نرن ڀرسان ران جي گوشت ۾ لڳي آھي، اطلاع ملڻ تي وڏي تعداد ۾ ملاح برادري جا ماڻھون اسپتال پھچي ويا. جڏھن تہ ٺٽو پوليس ڦورن جو پتو بہ نہ لڳائي سگھي آھي ۽ نہ ئي ناڪابندي ڪري سندن رستا روڪ ڪئي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.