هالا ۾عوامي اتحاد ضلعي مٽياري پاران پاڪ فوج جي حمايت ۽ منشيات خلاف ريلي

هالا ۾ عوامي اتحاد ضلعي مٽياري پاران پاڪ فوج جي حمايت ۽ منشيات خلاف ريلي ڪڍي ويئي.ريلي ۾ موجود شهري پاڪستان زندہ باد، منشيات مردہ باد جا زوردار  نعراهڻندا رهيا.  عوامي اتحاد  مٽياري  جي اڳواڻن اشرف کماڻ، گلزار حسين، رحيم سوڌڙو، عابد فقير، علي رضا ورياهه، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ باب النوح گيٽ هالا وٽان پاڪ فوج جي حمايت ۽ منشيات خلاف  نڪتل ريلي کي خطاب ڪندي اشرف کماڻ ۽ ٻين جو چوڻ هوته  پاڪستان ۽ پاڪ فوج خلاف ڪابه  سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏني ويندي، پاڪستان جي ٻين قومن وانگر سنڌي قوم پڻ محب وطن ۽ پاڪستاني فوج جي حمايت ڪندڙ آهي،   سنڌ جا ماڻھو ملڪ ۽ فوج جي خلاف ڪابه  سازش برداشت نه  ڪندا..ٻئي طرف احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته  سڄي ملڪ سميت ضلعي مٽياري ۾ به  منشيات جو ڪاروبار عروج تي پهتل آهي جنهن سان نئون نسل تباهه ٿي رهيو آهي، هنن وچن ڪيو ته هو هالا سميت سڄي ضلعي ۾منشيات جي خاتمي لاءِ شروع ڪيل مهم کي گهر گهر پهچائي ضلعي مان منشيات جي لعنت کي ختم ڪرائيندا.

رپورٽ- عابد فقير

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.