مريم نواز سان عورت اسيمبلي ميمبرن ۽ ٻين اڳواڻن جي ملاقات

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز سان عورت اسيمبلي ميمبرن ۽ ٻين اڳواڻن ملاقات ڪئي.

اجلاس ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن ۽ ٻين اڳواڻن خاص دعوت تي شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ مخالف ڌر اتحاد پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومنٽ (پي ڊي ايم) جي لاهور ۾ 13 ڊسمبر تي ٿيندڙ جلسي جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون.

عورتن جلسي جي ڪاميابي ۽ پي ڊي ايم جي عوامي تحريڪ جي حوالي سان تجويزون به پيش ڪيون جڏهن ته مريم نواز عورتن کي جلسي ۾ ڀرپور شرڪت جي دعوت ڏني.

ان موقعي تي مريم نواز جو چوڻ هو ته عورتن کي پاڪستان جي بهتري، ترقي ۽ خوشحالي جي فيصلي جوڳي مرحلي ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪرڻو آهي، معيشت جي تباهي، بيروزگاري سان گهريلو زندگي جو نظام درهم برهم ٿي ويو آهي، عوام اسان ڏانهن ڏسي رهيو آهي.

هن چيو ته عورتون مردن کان ٻه قدم اڳتي وڌي سياسي ميدان ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪنديون.

سندس چوڻ هو ته فيصلا سازي ۽ حڪمت عملي جي تياري ۾ عورتن جي ڪردار کي وڌيڪ وڌائينداسين، پاڪستان جي 50 سيڪڙو آبادي عورتن تي ٻڌل آهي، انهن کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي،  پي ڊي ايم جي عوامي تحريڪ جي ڪاميابي ۾ عورتن جو وڏو ڪردار هوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.