حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد جاري رهندي:اسڪنٽوا

ٽنڊو غلام علي(ن.ع.آ) سنڌ ڪاليج نان ٽيچنگ ويلفيئر ايسوسيئيشن (اسڪنٽوا) پاران ماتلي جيم خانه ۾ جلسو منعقد ڪرايو ويو, جلسي ۾ خطاب ڪندي چيئرمين سيد شاھ رضا شاھ چيو ته اسڪنٽوا ٻن سالن ۾ ڪاليجن جي هڪ کان 17 گريڊ جي نان ٽيچنگ عملي جا سالن کان رڪيل پروموشن ڪرايا آهن, ڊسمبر تائين هڪ کان چار گريڊ جي ملازمن  کي ٽائيم اسڪيل, ليب اسٽاف, ۽ ڪيٽلاگرس کي واعدي موجب اپگريڊ نه ڪيو ويو ته سنڌ سيڪريٽريٽ آڏو ٻيهر ڌرڻو هنيو ويندو, هن چيو ته اسڪنٽو جي وجود ۾ اچڻ بعه ڪاليجن جي ملازمن جا جائز حق ملي رهيا آهن, تقريب ۾ خطاب ڪندي راڻا خان ڀٽي چيو ته ڪاليج ايجوڪيشن کاتي ۾ ڊي.جي جي پوسٽ  نه هئڻ گهرجي جنهن سان ڪم تيزي سان اڪلائجي ويندا, تقريب ۾ خطاب ڪندي حيدرآباد ريجن جي صدر محمد سليم مهيري چيو ته اسڪنٽوا جي پليٽ فارم تان نائب قاصدن, ليب اسٽاف ۽ ڪليرڪل اسٽاف جا سالن کان رڪيل پروموشن ڪرايا ويا آهن.، مرڪزي ليڊي اڳواڻن اسماء علي, افشان اقبال خطاب ڪندي چيو ته اڳ عورت ملازمن کي مسئلن جي حل لاء آفيس جا چڪر ڪاٽڻا پوندا هئا پر هن وقت سنڌ جي ڇھن ئي ريجنن ۾ کين گهرن اندر ڪم ٿي پيا ملن., تقريب ۾ مرڪزي اڳواڻن سيد افضال حيدر شاھ, عبدالوسيم, صفدر اقبال, خالد منگي, پرنسپال بوائز ڊگري ڪاليج ماتلي پروفيسر رفيق احمد ڀٽي, گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج ماتلي جي پرنسپال آپا حميده حبيب غازي عبدالجبار خاصخيلي, محمد علي کوسي بدين جي ضلعي صدر غلام مصطفي ميمڻ, جاويد خاصخيلي ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو, جلسي ۾ سنڌ جي ڇهن ئي ريجنن مان سوين اڳواڻن ۽ ڪارڪن پهتا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.