مدئجي ۾عشر زڪوات جي چيئرمين خلاف احتجاج

مدئجي(ن ع آ ) مدئجي واسي زڪوات مستحقن پريس ڪلب پهچي زڪوات فنڊ جاري نه ڪرڻ خلاف سليم منگي،بابو بروهي،شهاب بروهي،قدير ميمڻ ۽ ٻين شڪارپور جي زڪوات جي ضلعي چيئرمين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي،ان موقعي تي مظاهرين دانهيندي چيوته ضلعي چيئرمين غلام نبي سومرو مقرر ٿيڻ شرط سڄي ضلعي اندر مستحقن جا فنڊ بند ڪري ڇڏيا آهن ان وٽ دانهڻ تي هن اهو چئي موٽائي ڇڏيو آهي ته اهي ڪارڊ ختم ڪري ڇڏيا آهن هاڻي ٻيا ڪارڊ جاري ٿيڻ بعد پئسا جاري ڪيا ويندا، هنن الزام هڻندي چيوته ڄاڻايل ضلعي چيئرمين فقط سياسي بنگلن جون حاضريون ڀري رهيو آهي زڪوات جا پئسا نه ملڻ تي ضلعي جي سوين مستحقن جي گهرن ۾ فاڪا ڪشي واري صورتحال ڇائنجي وئي آهي. ،مظاهرين هتان جي چونڊيل ايم پي اي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني،زڪوات کاتي جي صوبائي وزير سميت وس وارن کي اپيل ڪندي چيو آهي ته احتجاج جو نوٽيس وٺي انصاف ڏياري بنا دير زڪوات جا پئسا جاري ڪيا وڃن جيئن اسان جي گهرن جي چلهه وسامجڻ کان بچي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.