نوابشاهه ۾ گم ٿيل عورت ڌيءَ سميت واپس نه ٿي، احتجاج

نوابشاهه(ڊ ر) تعلقي ٿاڻي جي حد ڳوٺ عباس چانڊيو جي رھواسي سماجي اڳواڻ عباس چانڊيو پنھنجي پٽ وسيم چانڊيو سان  گڏ نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي دانھيون آھي ته منھنجي گھر واري مسمات صغريٰ جنھن جو ذھني توازن درست ناهي جيڪا ھڪ مھينو اڳ معصوم ڌي 7 ورھين جي خاتون سان گڏ گھران نڪري وئي آھي جنھن جي ڪافي ڳولا ڪرڻ جي باوجود خبر نه پئجي سگھي آھي، ھن چيو ته مون اھڙي درخواست حد جي ٿاڻي تي داخل ڪرائي آھي ليڪن پوليس منھنجي ڪابه مدد نٿي ڪري، شڪ آھي ته منھنجي برادري جي ماڻھن اياز، امتياز، اعجاز ۽ احسان منھنجي گھر واري ۽ منھنجي معصوم ڌي کي اغوا ڪيو آھي، ھن چيو ته مان ھڪ سماجي ورڪر آھيان منھنجي گھر واري ۽ معصوم ڌي جي ڳولا ۾ ڪير به مدد نٿو ڪري، ايس ايس پي مدد ڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.