قمبر: بدامني خلاف شهري ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي احتجاج

قمبر شهر ۾ بدامني خلاف شهري ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي مختلف سياسي سماجي پارٽين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

قمبر ۾ شهري ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي سردار محمد علي خان هڪڙو، ڪامريڊ نظير تنيو، سيد مجاهد حسين شاھ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ وڏي انگ ۾ شهري شريڪ ٿيا،

ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهر جو امن امان تباهه ٿي ويو آهي، چوريون ڦرون روز جو معمول بڻيل آهن پر انتظاميه اگھور ننڊ ستل آهي … ايس او ٽي

احتجاج ڪندڙن اعلي اختيارن کان مطالبو ڪيو ته شهر ۾ ايماندار آفيسر مقرر ڪري شهرين جي بدامني مان جان آجي ڪرائي وڃي …….

رپورٽ- محمود شيخ

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.