تربت ۾ دهشتگردن جو حملو، هڪ اهلڪار شهيد ۽ 3 زخمي

تربت(ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ڏکڻ شهر تربت ۾ سيڪيورٽي فورسز تي دهشتگردن حملو ڪري ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار شهيد ۽ 3 زخمي ٿي پيا.

انٽر سروسز پبلڪ ريليشنز (آءِ ايس پي آر) طرفان جاري بيان موجب تربت جي ڀرسان جهڪي پوسٽ جي پيٽرولنگ پارٽي تي دهشتگردن حملو ڪيو.

آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ لانس نائيڪ وسيم الله شهيد ٿي ويو جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 جوان به زخمي ٿي پيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.