ٻھراڙي جي عورت پنهنجي حقن لاءِ پاڻ آواز اٿاري: اياز لطيف پليجو

سکر (رپورٽ:اظهر علي دايو) قومي عوامي تحريڪ جي سرواڻ اياز لطيف پليجو چيو آھي ته وقت اچي ويو آھي ته ٻھراڙي جي عورت  پنهنجي حقن لاءِ پاڻ آواز اٿاري. مينجمينٽ ڊيولپمينٽ فائونڊيشن  ۽ آڪسفيم پاڪستان جي سھڪار سان  مقامي ھوٽل ۾ ڳوٺاڻي عورتن جو عالمي ڏھاڙو حوالي سان ٿيل پروگرام جي موقعي اياز لطيف پليجو  وڌيڪ چيو ته ٻھراڙي جي عورت تمام سادي زندگي گذارڻ ۽ تعليم نه ھجڻ سبب پنھنجي بنيادي حقن کان محروم آھي. انٽرنيٽ جي جديد دور ھجڻ سبب به ھن کي روزاني پنج 6 ڪلو ميٽرن تان پيئڻ جو پاڻي حاصل ڪرڻو پوي ٿو. سماجي ۽ سياسي اڳواڻ ذوالفقار ھاليپوٽو چيو ته جھڙي ريت سڄي دنيا ۾ ٻين حوالن سان عالمي ڌينھن ملھايا ويندا آھن اھڙي ريت ٻھراڙي جي  عورتن ۽ انھن جي مستقل محنتن کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ عالمي سطح تي عورتن جو ڏھاڙو ملھايو ويندو آھي. زرعي ترقي جي ماھر  پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر چيو ته ٻھراڙي جي عورتن  جي ترقي ۽ چوپائي مال جي پالنا ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آھي جنھن سان ملڪ ۾ خوراڪ جي فراھمي ۽ اقتصادي ترقي ٿي. عورتن ان سان گڌ رليون ، ٽوپيون ، اڳٺ  ۽ دٻڪيون ٺاھي پڻ پنھنجي گھر ۽ ملڪ جي اقتصادي ترقي ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آھي. ماروي اعواڻ چيو ته ھاڻي ملڪ جي عورت لاءِ تمام گھڻا قانون پاس ٿي ويا آھن جن سان خاص طور تي عورتن مٿان جسماني ۽ جنسي تشدد ۾ گھٽتائي ٿي آھي.پرويز ٻانڀڻ چيو ته ايم ڊي ايف عورت امن ۽ پاڻي جي حڪمراني واري منصوبي سان سنڌ جي ٽن ضلعن جي واھڻ ۽ وستين ۾ جيڪا سڄاگي ڏني آھي ان جو ڪو مثال ڪونھي.ان موقعي تي ڪرن دائود پوٽو  مصطفي! حسن راڄپر اوم پرڪاش، ڊاڪٽر يامين ميمڻ ، امبر لغاري ، عظميٰ پنھور، رخسانا سولنگي ، عمران قريشي ۽ ڪاشف صديقي  پڻ خطاب ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.