سليڪٽيڊ وزيراعظم مان عوام تنگ آهي:محمد بخش مهر

خانپورمهر(ن ع آ )پ پ ايم اين اي ۽ مهر قبيلي جي چيف سردار محمد بخش خان مهر چيو آھي ته سليڪٽيڊ وزير اعظم پنهنجي عهدي مان ۽ عوام هن مان اچي ڦاٿو آھي. جنهن ڪري عوام کيس واپس پويلين پهچائي سک جو ساهه کڻندو . اهڙين ڳالهين جو اظھار هن خانڳڙھ شريف, عادلپور ۽ ٻين علائقن جي ڳوٺن ۾ مختلف هنڌن تي عذرخواهين ۽ پنهنجي رهائشگاهه تي مختلف وفدن سان ملاقاتن دوران ڪيو . چيف سردار محمد بخش خان مهر جو چوڻ ھو ته پي ڊي ايم جي خوف ڪري حڪمران جماعت وائڙي ٿي چڪي آھي ۽ مخالف ڌر جي احتجاجن کي جهڪو ڪرڻ لاء ڪارروايون ڪري رهي آھي. . پ پ ايم اين اي جو وڌيڪ چوڻ ھو ته وفاقي حڪومت سواء مخالفن کي هيسائڻ جي باقي ڪو ڪم نه ڪيو آھي پر ان باوجود مخالف ڌر جا سڀيئي اڳواڻ توڙي ملڪ جو عوام حڪومت خلاف  متحد آھي.  ۽ خانصاحب کي ڪنٽينر تي پهچائي پوء سک جو ساهه کڻندا سون  ٻئي پاسي تازين برساتن ۽ زرعي دوائن سبب گهوٽڪي ضلعي ۾ فصلن کي پهتل نقصانن تتي ڳالهائيندي چيف سردار محمد بخش خان مهر جو چوڻ ھو ته هو لاڳاپيل کاتي کي هنن معاملن تي نه رڳو نوٽيس وٺڻ کپي پر آبادگارن کي پهتل نقصان جو مڪمل ازالو ڪري ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.