سڪرنڊ ۾ ناري جو مبينا طور پاڻ تي فائر ڪري آپگهات

سڪرنڊ ( ن ع آ ) سڪرنڊ ڀرسان لاکاٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ احمد ڀان ۾ 17 ورهين جي نوجوان ناري ڪائنات ڌي مرحوم حاجي ارباب ڀان  مبينا پنهنجو پاڻ کي پسٽل جا فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي لاکاٽ پوليس نوجوان ناري جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سڪرنڊ تعلقي اسپتال کڻي آيا، سڪرنڊ اسپتال ۾ موجود سندس سئوٽ نزاڪت ڀان ٻڌايو ته فائر جي آواز تي پهتاسين نوجوان ناري فوت ٿيل هئي ۽ پسٽل زمين تي پيل هيو جڏهن ته لاکاٽ ٿاڻي جي وڏي منڇي علي حسن سولنگي ٻڌايو ته وارثن جو چوڻ آھي ته نوجوان ناري خودڪشي ڪئي آهي. واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون. پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ ڪاروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.