ٻيٽن بابت ڪا به اين او سي نه ڏني هئي، وفاق کي آرڊيننس واپس وٺڻو پوندو: مراد علي شاهه

جيڪب آباد ( ڊ ر ) وڏي وزير مراد علي شاهه وضاحت ڪئي آهي ته ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽن تي وفاقي حڪومت کي ڪا به اين او سي جاري نه ڪئي هئي،  پنهنجي زمين ڪنهن به صورت ۾ وفاق حوالي نه ڪنداسين، سنڌ ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته ٻيٽن واري معاملي تي وفاقي حڪومت سان ڳالهيون نه ٿينديون. جيڪب آباد ۾  جيل کاتي جي صوبائي صلاحڪار مير اعجاز جکراڻي سان سندس امڙ جي لاڏاڻي تي تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته وفاقي وزير علي زيدي جيڪو خط جاري ڪيو، ان ۾ اسان کان اجازت گهري وئي هئي، اهڙو خط اين او سي بابت نه هو، لڳي ٿو وفاقي وزير کي انگريزي پڙهڻ نٿي اچي،  وفاقي حڪومت غير قانوني طور آرڊيننس جاري ڪيو، جنهن کي هڪ مهينو لڪايو ويو. هن چيو ته وفاقي وزير علي زيدي خط لکيو ته ٻيٽن تي ترقي ڪرڻ گهرون ٿا، اسان جواب ۾ چيو ته پنهنجا منصوبا ٻڌايو، مقامي ماڻهن جي فائدي کي نظر ۾ رکندي شرطن تحت ڪم ڪنداسين، ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن، وفاقي سرڪار طرفان ڳجهه ۾ جاري ڪيل آرڊيننس پويان بدنيتي هئي، تنهن ڪري سنڌ ڪابينا ڳالهيون ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن، وفاقي سرڪار کي پنهنجو آرڊيننس واپس وٺڻو پوندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.