لکي ۾ جيل اندر فوت ٿيل قيدي جي فريادي جو احتجاج

لکي غلام شاھ(ن ع آ  )جيل ۾ فوت ٿيل قيدي عبدالفتاح مهر وارو مامرو،فريادي صحافي جميل مهر لکي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته 4 مهينا اڳ فوتي عبدالفتاح مهر مون مٿان صبح جو واڪ دوران حملو ڪيو هو جنهن ڪيس ۾ گرفتار ٿيل هو،جيل ۾ فوت ٿيڻ تي افسوس آهي،جيڪڏهن هن تي جيل پوليس تشدد ڪيو هو ته ان ۾ مون جو ڪو تعلق نه آهي،پر هيئنر جنهن وڏيري جي بش تي مون مٿان حملو ڪيو ويو هو اهو ۽ مرحوم جا رشتيدار مونکي موتمار دمڪيون ڏئي رهيا آهن،جنهن ڪري آءُ گهر ڀاتين سميت ٻاهر نڪري نٿا سگهون، اگر مونکي ڪجه به ٿيو ته ذميوار وڏيرو شهزادو مهر،مولوي عبدالڪريم،اسحاق مهر ۽ وڏيري جي پٺ ڀرائي ڪندڙ هوندا،ايس ايس پي شڪارپور نوٽيس وٺهي ڌمڪيون ڏيندڙ خلاف ڪاروائي ڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.