ميرپورماٿيلو: پي پي ايڇ آءِ پاران مختلف ملازمتن لاءِ نوجوانن جا انٽرويو

گھوٽڪي ضلعي جي ھيڊ ڪوارٽر ميرپورماٿيلو ۾ پي پي ايڇ آء پاران مختلف ملازمتن لاء اميدوارن کان انٽرويئوز ورتا ويا ،ان موقعي تي انٽرويئو ڏيڻ لاء سوين بيروزگار نوجوان اميدوار پي پي ايڇ آء آفيس پھتا، ٻئي طرف ڪيترن ئي اميدوارن ميرپورماٿيلو پريس ڪلب پھچي پي پي ايڇ آء جي انتظاميا خلاف احتجاجي مظاھرو پڻ ڪيو،ان موقعي تي شاھ حسين، محمد رياض، عبدالوحيد، نظر محمد ۽ ٻين دانھيندي چيو ته مختلف لوئر اسٽاف جي پوسٽن لاء اپلائي ڪرڻ بعد پي پي ايڇ آء پاران انٽرويئو ڪال ڪري ٽوڪن ڏنا ويا، جڏھن ته ٽيسٽ لاء وارو اچڻ بعد کانئن ٽيسٽ وٺڻ بجاء اھو چئي خالي واپس ڪيو ويو ته ميرپورماٿيلو سميت مختلف يوسين لاء ڪي بہ ويڪينسيون ناھن،

ھنن وسوارن کان پي پي ايڇ آء جي ريجنل انچارج سکر مظھر ويسر ۽ ٻين خلاف ڪاروائي جو مطالبو ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.