شڪارپور لڳ ڪارنهن الزام ۾ عورت قتل ڪرڻ جو انڪشاف

شڪارپور (ڊ ر ) ڳوٺ عظيم پنهوار ۾ 20 ڏينهن اڳ  مجيب الرحمان پنهوار پنهجي زال مسمات  آمنہ زال مجيب پنهوار تي پنهجي ئي مائٽ نوجوان اڪبر علي پٽ محمد ابراهيم پنهوار سان  ڪارنهن جو  الزام ڏيئي  پنهجي ئي گهر ۾ قيد ڪري ڇڏيو هو جنهن کي گذريل ڏينهن قتل ڪري ڇڏيو آھي۔ذريعن جو چوڻ آھي ته مجيب الرحمان پنهوار پنهجي ڀاء نظام الدين پنهوار ۽ عبدالصمد پنهوار جي مدد سان زال کي گهٽا ڏيئي قتل ڪيو ويو آھي ۔ ۽ لاش کي نامعلوم هند دفن ڪري ڇڏيو آھي۔ رابطو ڪرڻ تي رستم پوليس واقعي پاران لاعلمي جو اظهار ڪيو آھي ۽ چيو ته هاڻي خبر پئي آھي جاچ ڪيون پيا۔ .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.