گرمي جي لهر اڃا هفتو رهندي، اڄ پارو 42 تي پهچڻ جي اڳڪٿي

ڪراچي ( رپورٽر ) موسميات کاتي گرمي جي جاري لهر ايندڙ هفتي تائين جاري رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي، موسميات کاتي جو چوڻ  آهي ته وچ ايشيا ۾ هن وقت هڪ هاءِ پريشر ٺهي چڪو آهي، جنهن جي ڪري ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ اتر کان اتر اولهه طرف هوا هلندي، جنهن جي ڪري گرمي واري صورتحال ايندڙ 6 کان 8 ڏينهن تائين جاري رهندي. جنهن دوران گرمي پد 40کان 42 تائين رهندو، موسميات کاتي موجب اڱاري ڏينهن گرمي پد 40 کان 42 تائين رهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.