مير حاصل بزنجي کي ڀيٽا پيش، سنڌ بلوچستان کي گڏجي مزاحمت ڪرڻي پوندي: ساڃاهه وند

حيدرآباد(رپورٽ: عتيق ملاح) سنڌ ۽ بلوچستان جي قومپرست پارٽين ۽ ساڃاهه وند ڌرين مير حاصل خان بزنجو کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت جي قبضاگيري واري سازش خلاف سنڌ ۽ بلوچستان جي ماڻهن کي گڏجي مزاحمت ڪرڻي پوندي، سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي پٽي تي قبضي وارو منصوبو پراڻو آهي، پر هاڻ ان ساڳي منصوبي کي سنڌين ۽ بلوچن  جي لاءِ هڪ ٽيسٽ ڪيس طور آندو ويو آهي ۽ قبضاگير قوتون اهو ڏسڻ چاهين ٿيون ته سنڌي ۽ بلوچ ڪيترو احتجاج ڪن ٿا. اهڙو اظهار هنن حيدرآباد پريس ڪلب ۾ نيشنل پارٽي سنڌ وحدت پاران پارٽي جي سربراهه مير حاصل خان بزنجو جي ياد ۾ ڪوٺايل تعزيتي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي نيشنل پارٽي جي مرڪزي صدر ۽ بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وير عبدالمالڪ بلوچ خطاب ڪندي چيو ته مير حاصل خان بزنجو ان وقت به عدم تشدد جو رستو اختيار ڪيو جڏهن بلوچستان ۾ مشرف باهه لڳائي نوجوانن کي مارڻ شروع ڪيو ۽ اڪبر خان بگٽي کي به شهيد ڪيو ويو هو، ان وقت به مير حاصل خان بزنجو پارليامينٽ جي اندر ۽ ٻاهر سيڪيورٽي اسٽيٽ جي خيال سان اختلاف ڪيو. هن چيو ته ماضيءَ ۾ مير غوث بخش بزنجو بلوچستان ۽ سنڌ جي سياست کي جوڙيو، هن جي ايم سيد ۽ ٻين سياسي ليڊرن سان گڏجي جدوجهد ڪئي. هن چيو ته بلوچن ۽ سنڌين کي موثر جدوجهد جي صلاحيت پيدا ڪرڻي پوندي، موثر جدوجهد نه هجڻ ڪري اڄ ٻيٽن جي نالي تي قبضاگيري جي ڪوشش ٿي رهي آهي. هن چيو ته اسان کي مشرف جي دور ۾ خبر پئجي وئي هئي ته سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي پٽي کي وفاقي حڪومت پنهنجي ٽيريٽري ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، ان دور ۾ اسان رڙيون ڪيون ۽ هو پئتي هٽي ويا، پر اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر اها ساڳي صورتحال آهي، اڄ ٻيٽن جي نالي ۾ قبضاگيري جي لاءِ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو سنڌين ۽ بلوچن جي لاءِ هڪ ٽيسٽ ڪيس آهي. هن چيو ته اسان انگريزن کي وساري ڇڏيو آهي، انگريز اچي رڳو حڪومت ڪندا هئا، پر هي اسان جي سرزمين جي قيمت به پاڻ مقرر ڪن ٿا ۽ لکين ايڪڙن جي حساب سان وڪرو به ڪري رهيا آهن، ان جو سبب اهو آهي ته اسان سنڌي ۽ بلوچ منظم ناهيون. هن چيو ته سنڌ ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي پليٽ فارم تان ٻيٽن تي قبضي جي خلاف جدوجهد جي شروعات ٿيڻ واري آهي، اسان جي پارٽي، ايس يو پي ۽ عوامي تحريڪ ٽنهي پارٽين گڏجي ٽن نقطن جي هڪ ڊرافٽ ٺاهيو آهي، جنهن تي اسان گڏجي جدوجهد ڪنداسين، نيشنل پارٽي جي ڪوشش آهي ته بلوچستان جي ٻين پارٽين کي به سامونڊي پٽي جي تحفظ لاءِ ٿيندڙ جدوجهد ۾ شامل ڪريون، اسان هن مسئلي کي پي ڊي ايم ۾ به رکنداسين، ڇو ته اسان جو مسئلو رڳو هڪ حڪومت وڃڻ ۽ ٻي حڪومت اچڻ ناهي، اسان جا مسئلا وڏا آهن. هن چيو ته وفاقي حڪومت چورن جيان آرڊيننس ٺاهي جاري ڪري رهي آهي، سنڌ ۽ بلوچستان هڪ تهذيب جو نالو آهن، سامونڊي پٽي اسان جي تهذيب جو حصو آهي، اها رڳو زمين جو هڪ ٽڪرو ناهي، جنهن تي قبضو ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جي ماڻهن کي گڏجي پنهنجي زمين کي بچائڻ جي لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه چيو ته مير حاصل خان بزنجو جو پاڪستان جي جمهوري تاريخ ۾ وڏو ڪردار رهيو آهي، مير غوث بخش بزنجو چيو هو ته پاڪستان ۾ جمهوريت جي شروعات تڏهن ٿيندي جڏهن پنجاب مان آواز اٿندي. هن چيو ته مير حاصل خان بزنجو جو پارليامينٽ ۾ حقيقي طور تي وڏو ڪردار هو، اڄ پاڪستان جي سياست ۾ مير حاصل خان بزنجو جهڙي ليول جي ليڊرشپ جي کوٽ آهي. عوامي تحريڪ جي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي چيو ته اسان 1940ع جي قرارداد تحت پاڪستان ۾ شامل ٿيا هئاسين، پر قائد اعظم محمد علي جناح کانپوءِ يو پي سي پي کان آيل سول بيوروڪريسي پاڪستان تي قبضو ڪري ڇڏيو، اڄ پاڪستان جي موجوده صورتحال ان ڪري آهي جو هنن 40ع واري قراداد کي وساري ڇڏيو. هن چيو ته هتي بنگالين پهرين ان قبضاگيري واري منصوبي ۽ سوچ خلاف جدوجهد ڪئي، ساڳي صورتحال اڄ به آهي، قومي وحدتن ۽ ٻولين کي تسليم نٿو ڪيو وڃي ٻيٽن تي قبضا ڪري رياست ۾ هڪ نئين رياست قائم ڪئي وئي آهي، هن چيو ته  غير جمهوري قوتن خلاف پاڪستان جي مظلوم قومن جو هڪ اهڙو اتحاد ٺهڻ گهرجي جيڪو ماضيءَ وارن ڪجهه اتحادن جيان ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار نه ٿئي. عوامي جمهوري پارٽي انٽيليڪچوئل جي ڪنوينر ابرار قاضي چيو ته مير حاصل خان بزنجو سدائين جمهوريت ۽ ملڪي سياست جي ڳالهه ڪندو هو. هن چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جون قومپرست پارٽيون ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار رهيون آهن، پارٽين مان ننڍا ننڍا ڌڙا ٺهندا ويا، جنهن سنڌ ۽ بلوچستان جي سياسي ۽ قومپرست پارٽين کي نقصان پهچايو. سنڌ هاري ڪميٽي جي صدر ڪامريڊ اظهر جتوئي چيو ته ون يونٽ مڙهيندڙ سازشي ڌرين اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر ون يونٽ جهڙو ماحول ٺاهيو آهي. هن چيو ته سينيٽ اليڪشن ۾ پيپلزپارٽي مير حاصل خان بزنجو کي ووٽ نه ڏنو، جيڪڏهن مير حاصل خان بزنجو سينيٽ چيئرمين هجي ها ته جمهوريت جي وڏي ڪاميابي ٿي وڃي ها. نيشنل پارٽي جي عورت ونگ جي اڳواڻ ياسمين بلوچ چيو ته حاصل بزنجو نه صرف بلوچستان پر پاڪستان جي مظلوم ۽ محڪوم قومن جو اڳواڻ هو، مير حاصل خان بزنجو آئين ۽ قانون جي بالادستي جي ڳالهه ڪئي. هن چيو ته اسان حقيقي نيشنلزم جي ڳالهه ڪيون ٿا، اسان رڳو پنهنجا حق گهرون ٿا ۽ ٻين جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ جي ڳالهه نٿا ڪريون ۽ نه ئي ڪڏهن اهڙي ڪا ڳالهه ڪئي آهي. هن چيو ته هاڻ پاڪستان اندر غداري جا لقب ڏيڻ وارو سلسلو بند ڪيو وڃي، نيشنل پارٽي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري جان بليدي چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان کي مشڪلاتن مان ڪڍڻ جو ڪم سياسي پارٽيون ڪنديون، مير غوث بخش بزنجو، جي ايم سيد، رسول بخش پليجو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ مير حاصل خان بزنجو اڄ اسان وٽ ناهن، هي اهي ماڻهو هئا جيڪي مظلوم قومن جي جدوجهد کي پاڻ ۾ جوڙيندا هئا، ان ساڳي تسلسل تحت مير حاصل بزنجو پاڪستان جي سياسي جماعتن کي گڏ ڪرڻ وارو ڪم ڪندو هو، مير حاصل خان بزنجو سياسي تحريڪن کي جوڙڻ جي ڳالهه ڪندو رهيو. نيشنل پارٽي سنڌ وحدت جي سيڪريٽري ڪامريڊ تاج مري چيو ته بلوچستان ۽ سنڌ ۾ ڳانڍاپي جو ذريعو مير حاصل بزنجو هو، سنڌ ۽ بلوچستان جا مسئلا هڪجڙا آهن، سنڌين ۽ بلوچن جا حق کسيا ويا آهن، اڳوڻي شاگرد اڳواڻ ۽ ايڇ آر سي پي سنڌ جي ڪوآرڊينيٽر پروفيسر امداد چانڊيو چيو ته مير حاصل خان بزنجو جو شمار پاڪستان جي انهن سياسي شخصيتن ۾ ٿئي ٿو، جن حق جي ڳالهه ڪئي، سنڌ ۾ لساني فساد پيدا ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، پر اهڙي سازش ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندي. (ن) ليگ اڳواڻ قمرالزمان راڄپر چيو ته مير حاصل خان بزنجو جدوجهد جو نالو هو، حاصل بزنجو مير غوث بخش بزنجو جي جدوجهد جو تسلسل هو، اي جي پي جي اڳواڻ لال شاهه چيو ته حاصل خان بزنجو پاڪستان جي سمورين مظلوم قومن جو آواز ٿي اسيمبلي ۾ پهتو، هر محب وطن حاصل بزنجو کي پنهنجو ساٿي سمجهندو هو. سينيئر صحافي مهيش ڪمار آجياڻو ڏيندي چيو ته مير حاصل خان بزنجو جمهوريت جي لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪيو، هي وقت آهي ته بلوچستان ۽ سنڌ جا ماڻهو گڏيل جدوجهد ڪن، سينيئر صحافي اسحاق مڱريو چيو ته مير حاصل بزنجو جي پارٽي جي سياست ۽ پاليسي چٽي نظر آئي، تقريب ۾ مير حاصل خان بزنجو کي ڀيٽا پيش جي لاءِ سمورن ماڻهن اٿي بيهي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي، جڏهن ته ٻيجل سنڌي قومي گيت پيش ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.